طفيل مگسي
“امريڪي غلامي نا منظھور“ اهو نعرو اسان ننڍپڻ کان ٻڌندا پيا اچون .ليڪن يقين ڪريو ته اڄ تائين انهيء نعري جي اصل حقيقت ناهيون سمجهي سگهيا.البته اسان جهڙن جذباتي جذباتي عوام کي ڀڙڪائڻ جي لاء اهو نعرو هر ڀيري ڪارگر ضرور ثابت ٿيو آھي.ڪي سياسي ليڊر ان نعري جي بدولت پنهنجا سياسي مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا.اهو ساڳيوئي نعرو اڄڪلھ نئين پيڪنگ ۾ ۽ نئين ليبل سان مارڪيٽ ۾ دستياب آھي.
ڏٺو وڃي ته امريڪي غلامي کان ايتري سخت نفرت ڪرڻ واري نيازيء بجلي ۽ گئس جون قيمتون امريڪي اداري آئي ايم ايف جي چوڻ تي ئي وڌايون هيون.تڏھن شايد نيازي صاحب جي ذھن کان نڪري ويو هئو ته اسان امريڪا جا ئي غلام آھيون.جڏھن ته ترڪي ۽ ملائيشيا پاڪستان جي خواهش تي هڪ اسلامي ڪانفرنس جو بندوبست ڪيو هو ته سعودي عرب ۽ امريڪا جي روڪڻ تي پاڻ نيازي صاحب اتي نه ويو.تڏھن ڇا نيازي صاحب سعودي عرب ۽ امريڪا جو غلام هو؟…سمورو مامرو شيشي جيان صاف آھي ته جڏھن نيازي صاحب تنهنجي حڪومت ناهي ته تون هن وقت “غلام به ناهين رهيو“
ٻي اها غلامي واري ڳالھ به بس ائين ئي آھي.اصل ۾ عالمي سطح تي قومن جي وچ ۾ جذبا نه بلڪ مفاد ڪارفرما هوندا آھن.امريڪا پاڪستان کان 1992ع ۾ ھوائي اڏا گهريا .انهن ڏھاڙين پاڪستان جي“غيرت ايماني“ اوج تي هئي.عراق امريڪا جنگ ۾ صدام پاڪستاني عوام جي نظر ۾ ھيرو هو.
صدام جا پوسٽر مفت ۾ ورهايا پيئي ويا هئا.1992ع ۾ جنم.وٺڻ وارن اڪثر ٻارڙن جي نالي تائين صدام رکيا ويا.هڪ اهڙي جنگ جنهن جو پاڪستان سان ڪو تعلق نه هو.ان کي وٺي ڪري پاڪستان ۾ جذباتي ماحول پيدا ٿيو.انهن ئي ڏينهن امريڪا پاڪستان کان افغانستان تي حملي جي لاء ھوائي اڏا گهريا.جنهن جو پهرين ميٽنگ ۾ انڪار ڪيو ويو هو.امريڪا يو ئي اي سان رابطو ڪيو.۽ پاڪستان جا اڏا يو اي ئي کي وٺڻ جي لاء چيو.يو اي ئي موٽ ۾ ائين نه چيو ته اسان ڇا تنهنجا غلام آھيون ته تون چوندين ته اسان توکي پاڪستان کان اڏا وٺي ڏينداسين.بلڪ هن ان ۾ پنهنجن فائدن ۽ نقصانن جو جائزو ورتو.ان وقت دنيا هڪ نئين ٽيڪنالوجي آئي ٽي ۾ داخل ٿي رهي هئي.جنهن ۾ امريڪا سڀني کان نهايت اڳڀرو هو.يو اي ئي اڏن جي بدلي پنهنجي لاء سيٽلائيٽ گهريو.جيڪو امريڪا جي طرف کان ميسر ڪيو ويو.۽ يو اي ئي ۾ ايتصلات ڪمپني جي نئين بلڊنگ جو بنياد رکيو ويو.يو اي ئي پاڪستان کان اڏا ورتا ۽ امريڪا جي حوالي ڪري ڇڏيا.شايد ڪجه ماڻھن کي پروڙ ھجي ته پاڪستان جا هوائي اڏا جيڪي امريڪا استعمال ڪندو رهيو.اهي امريڪا سڌوسنئون پاڪستان کان نه ورتا هئا بلڪ يو اي ئي جي ذريعي سمورو پراسيس ٿيو هو.پاڪستان ۾ اڄ جيڪا انٽرنيٽ هلي رهي آھي اها انهيء ايتصلات ڪمپني جي بدولت آھي پاڪستان ۾ ستر(70) ارب ماليت جي زمين هينئر ايتصلات ڪمپني جي ملڪيت آھي يعني اڏا پاڪستان جا ئي استعمال ٿيا.مگر فائدو يو اي ئي ورتو.
چين کي ئي وٺون ٿا.جيڪو هڪ حد تائين اينٽي امريڪا آھي.ان حد کان چين اڳتي نٿو وڃي سگهي.موبائيل فون آپريٽنگ چپس سموري نيا ۾ سڀ کان وڌيڪ امريڪا ٺاھي ٿو ۽ سڀ کان وڌيڪ موپائيل مينوفيڪچرننگ چين ۾ ٿيئي ٿي.امريڪا کان آپريٽنگ چپ جو سڀ کان وڏو خريدار چين آھي.
امريڪا ۾ چيني ماڻھن جو سڀ کان وڏو انگ آباد آھي.چينن امريڪا ۾ پنهنجرون ڪالونيون ٺاھي رکيون آھن.جتي بينڪ مارڪيٽ به چيني آھن.امريڪا جي سڀ کان وڏي ايپل ڪمپني پنهنجي سموري مينو فيڪچرنگ چين ۾ ڪري ٿي.وڏين مڪينيڪل انڊسٽرين.ڪريٽر ۽ جان ڊيئر وغيره چين ۾ فيڪٽريون هڻي رکيون آھن.انڊيا کانپوء امريڪا ۾ سڀ کان وڌيڪ غيرملڪي چيني آھن.
روس جي ڳالھ ڪجي ته اتي به اٽڪل چين ۽ امريڪا جهڙو مامرو آھي.امريڪا پنهنجو خلائي مشين روس کان ئي موڪلي ٿو.ويجهڙائي ۾ ئي سڀ کان وڏي امريڪي ڪمپني پنهنجي پهرين اليڪٽريڪل ڪار جو نالو به روس جي هڪ سائنسدان ٽيسلا جي نالي تي رکيو آھي.
چوڻ جو مقصد اهو آھي ته پنهنجا مفاد سڀني کي عزيز هوندا آھن.عالمي سطح تي ڪو به غلامي يا آقا وارو مامرو ناهي هوندو.صرف فائدا ۽ نقصان هوندا آھن جيڪو فائدو ڏيندو ان سان تعلقات رکيا ويندا آھن .جيڪو نقصان ڏيئي ان سان تعلقات گهٽ ڪيا ويندا آھن(يمن واري مامري تي ته پاڪستان جو چٽو انڪار ته اڃا حال جي ئي ڳالھ آھي) .
ها ذھني غلام ته نيازي صاحب تون پاڻ آھين.ليڪن اولھ جو نه اوڀر جو..،ٿون غلام آھين پنهنجي محدود ڄاڻ ۽ محدود سوچ جو ته جنهن توکي نام نهاد سياسي ومذھبي ليڊرن ۽ پاڻ سڃاڻپ مقدس نظرن جو غير محسوس ئي غلام بڻائي رکيو آھي.
جيڪڏھن نيازي صاحب تون واقعي دل سان ڪنهن جو محتاج رهڻ نٿو چاهين ته سڀ کان اڳ پنهنجو تعليمي نصاب تبديل ڪر.ٻارڙن کي هٿرادو قصا ڪهاڻيون پڙھائڻ.۽ رٽا ھڻائي ڪري نمبرن جي ڊوڙ ۾ وجهڻ جي بجاء جديد ٽريننگز جو بندوبست ڪر.ٻارڙن کي بين الاقوامي معيار جو ڪاروبار سيکار.چند سالن ۾ حالتون بهتري ڏانهن راهي ٿينديون.
ليڪن تون به پاڻ کي غلام غلام.جهڙو محسوس ڪرين ٿو ته پوء امريڪا ۽ سندس حوارين سان تعلقات ختم ڪري ڇڏ ۽ ان جي پراڊڪشن جو واقعي بائيڪاٽ ڪري آزادي حاصل ڪري ڇڏ….اسان به ڏسڻ چاهينداسين ته امريڪي انٽرنيٽ.امريڪي هٿيار ۽ امريڪي ڪمپني فائزر جي گوري کان بنا تنهنجو نظام ڪيترا ڪلاڪ هلي ٿو .










