عمران خان ۽ ملٽري اسٽيبلشمينٽ وچم جنگ ڪٿي دنگ ڪندي؟

دلشاد ڀٽو
جڏھن عمران خان اعلان ڪيو تہ ھو سعودي عرب ۽ ايران وچم ٽياڪڙي ڪرائڻ لاء تيار آھي تہ سندس ناقدين کليا پئي تہ عمران خان جي ڪھڙي حيثيت آھي؟ ٻيو پينو ملڪ جيڪو سڄي عمر سعودي جي خيرات.زڪوات ۽ فطرن تي ھليو اھو ڪيئن ٺاھ لاء سعودي ۽ ايران کي راضي ڪندو.يوڪرين جنگ دوران روس جو دورو ۽ روس سان بيھڻ عمران خان جو سوچيم سمجھيل ۽ آمريڪي امڪاني ردعمل کي سمجھي عمران خان دورو ڪيو ھو.افغانستان ۾ طالبان حڪومت جنھن جو عمران خان حامي رھيو اھا بہ آمريڪا کي تڪليف ھئي.ان ۾ Absolutely Not پٺيان ٻيا بہ عوامل ھئا جيڪي عمران خان کي آمريڪا آڏو ناپسنديدہ شخصيت Persona non grata ظاھر ڪن پيا.پاڪستان ملٽري جا ميجر کان ٿري ۽ فور اسٽار جنرل برطانيہ ۽ آمريڪا جي اڪيڊمين مان پڙھن ۽ تربيت وٺن ٿا تنھنڪري پاڪستاني فوج آھي ئي آمريڪا ۽ برطانيہ جي.دنيا ۾ جتي بہ پراڪسي جنگ Proxy War يا سڌي جنگ ٿيندي آھي اتي پاڪستاني فوج کي استعمال ڪيو ويندو آھي.تنھنڪري اسان واري فوج کي ڪرائي جي فوج چيو ويندو آھي.ھي اھا فوج آھي جنھن ڪعبتہ اللہ تي بہ گوليون ھلايون.بينظير ڀٽو.نواز شريف.زرداري ڪير بہ وزيراعظم ٿئي پر اھو آمريڪا.برطانيہ.سعودي ۽ عرب ملڪن جي آشيرواد کانسواء اقتدار ۾ اچي نہ سگھندو.باقي اليڪشنون رڳو فارملٽيز آھن.ملڪ جا اھڙا صدر ۽ وزيراعظم ٿيا جن جو شناختي ڪارڊ بہ پاڪستان جو نہ ھو.ٽيليفون ڪال تي حڪومتون ڊھنديون ۽ ٺھنديون آھن.گھڻن جا سر چٽ ٿي ويا.تاريخ ۾ پھريون دفعو چريو ڦاٽوڙو دھل لالو آمريڪا ۽ ملٽري اسٽيبلشمينٽ کي ڳچي ۾ فٽ ٿي ويو آھي.مارايائونس بچي ويو.ڪيس ڪن ٿا تڏھن بہ ڀڄي نٿو.لالو ڀل دلير ھجي يا کيس عوامي مقبوليت ھجي پر اھو نہ وسارڻ گھرجي تہ عالمي اسٽيبلشمينٽ مطلب روس.چائنا ۽ ڪجھ ٻيا ملڪ بہ لالي سان گڏ آھن تڏھن ئي آمريڪا ۽ پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ تي گجي ۽ برسي ٿو.ھاڻ جڏھن چائنا جي سرپنجي ۾ سعودي عرب ۽ ايران پنھنجا سفارتي تعلقات بحال ڪيا آھن تہ انجو پاڪستان تي بہ اثر پوندو ۽ لازمي طور چائنا ۽ روس آمريڪا ۽ يورپ خلاف نئين صف بندي ڪندا ۽ نئين صف بندي ۾ پاڪستان جو ڪردار اھم آھي توڙي جو پاڪستان سڃو ۽ معاشي طور تباھ ملڪ آھي.پر جاگرافيائي لحاظ کان خاص اھميت بہ رکي ٿو.آمريڪا وٽ پاڪستان کي چنبي ۾ رکڻ ۽ پاليسين تي عمل ڪرائڻ لاء پاڪستاني فوج کانسواء ڪو ذريعو نہ آھي.ڇاڪاڻ تہ سمورا پاڪستاني سياستدان فوج ۽ ايجنسين آڏو ڪا حيثيت نٿا رکن.ھاڻ جيڪو روز عمران خان ڀاشن ڏئي ٿو تہ فوج ۽ آمريڪا جي غلامي مان نڪرو انجو منطق آھي.مطلب پاڪستان کي چائنا ۽ روس سان ٿي بيھڻو آھي.ٻنھي ملڪن وٽ عمران خان کان وڌيڪ ڪو بہ آپشن نہ آھي.ھوڏانھن ملٽري اسٽيبلشمينٽ ۽ سندس پپيٽ Puppet ليڊرشپ آخري حد تائين وڃي عمران خان کي ڪچلڻ جي تگ و دو ۾ آھي.مستقبل قريب ۾ خبر پوندي تہ ڪير ٿو دسي پر وڌيڪ امڪان آھي تہ عمران خان کي سوڀ ملندي.

پهنجو تبصرو موڪليو