عمران خان ۽ علمِ جنسيات

عمران خان ۽ علمِ جنسيات

تحرير  محمد حنيف / سنڌيڪار جاويد سولنگي

پاڪستان جي وزير اعظم عمران خان  سڄي ڄمار ناممڪن جي خلاف جنگ لڙي آھي. جڏھن ڪرڪيٽ کيڏڻ جي شروعات ڪيائين ته پنھنجن سوئٽن ئي چيس ته تون کان ڪجھ به ڪين ٿيندو. پھرين ڀيرو پنھنجي ئي شھر لاھور ۾ بين الاقوامي ميچ ۾ بيٽنگ ڪرڻ لاء ويو ته زيرو تي آئوٽ ٿي واپس موٽيو ۽ بقول عمران خان جي ته ان پچ کان پويلين تائين جو سفر زندگي جي سڀ کان وڏي واڪ طور رھيو. ان کان پوء جيڪي ٿيو اھو ڪير نه ٿو ڄاڻي ته هو ڪرڪيٽ جي دنيا جو سڪندر اعظم بڻيو. ھو پنھنجي والده جي نالي تي ڪينسر اسپتال ٺاھڻ لاء نڪتو ته ماڻھن چيو خان صدمي ۾ پاڳل ٿي ويو آھي، پر خان صاحب اسڪول جي ٻارن کان چندو وٺي به اسپتال ٺاھي. جڏھن وري سياست ۾ آيو ته ويھن سالن تائين ان جي دشمنن ئي نه پر ان جا دوست به چوندا رھيا ته ھن ماڻھو کي سياست به نٿي اچي. مرحوم حميد گل جھڙا اڪابر آيا ۽ نا اميد ٿي ويا ۽ چوندا رھيا ته جيڪڏھن خان صاحب جھڙو ماڻھو لنڊن ۾ ھجي ھا ته ڪڏھن جو وزيراعظم ھجي ھا،  پر پاڪستان جي سياست م خوار ٿيندو رھندو ڇو ته ھي ھڪ سادو ۽ سڌو انسان آهي جيڪي وات  ۾ اچيس ٿو سو چئي ٿو ڏي. ھاڻي اوھان پاڻ ٻڌايو ته پاڪستان جي سياست جا اھي حريف ڪيڏانھن ويا ۽ اھو سڌو سادو ماڻھو اڄ ڪٿي بيٺو آھي؟ elected ۽ selected جي ڳالھ کي ڇڏيو، ڪنھن پاڪستان جي سياست ۾ ايترو طاقتور وزيراعظم ڪڏهن ڏٺو آھي جنھن جا سياسي دشمن يا ته جيلن ۾ قيد ٿي رھيا آھن يا ضمانتون ڪرائي جيل کان ٻاھر نڪرڻ جي چڪر ۾ آھن. جيڪي وڌيڪ سمجھ وارا ھيا اھي پردي جي پويان لڪي ويا جيڪي باقي بچيا آھن اھي سياسي ميدان ۾ خان صاحب جو مقابلو ڪرڻ  بجاءِ ڪڏھن ھٿ کڻي آسمان جي طرف ڏسن ٿا ته ڪڏھن وري ھٿ ٻدي جنرل باجوه جي طرف ڏسن ٿا.

 خان صاحب پنھنجي سڀني سياسي دشمنن کي مات ڏئي ڇڏي آھي ھاڻي خان صاحب جو صرف ھڪڙو دشمن بچيو آھي اھا آھي ھن جي زبان. اڪثر چوندو آھي ته مغرب کي مون کان وڌيڪ ڪير به نه ٿو ڄاڻي ۽ ھاڻي اسان ته ڇا مغرب وارا به مڃي ويا آھن. بل گيٽس رات جو تيسيتائين ننڊ نه ٿو ڪري جيسيتائين خان صاحب سان فون تي ڳالھ نه ٿو ڪري. آمريڪي صدر جوبائدن ان ٻڏتر ۾ زندگي ٿو گذاري ته خان صاحب کي فون ڪريان يا نه، ڇو ته خان صاحب اولھ کي مون کان وڌيڪ ٿو ڄاڻي.

 پوئين ھفتي خان صاحب چيو آھي ته ڪجھ پاڪستانين کان وڌيڪ ھندستان کي ٿو سمجھان ان لاءِ ته جيترو پيار مون کي انڊيا مان مليو آھي ايترو ڪنھن کي به نه مليو آھي. خان صاحب جي ان دعويٰ جا تصويري ثبوت موجود آھن. خان صاحب کليل طرح چوي ٿو پھريان مان گمراھ ھيس پر ھاڻي مان سڌي راھ تي آھيان. خان صاحب جا چاھيندڙ خان صاحب کي ووٽ ڏيندر ۽ خان صاحب کي ووٽ ڏياريندڙ  ان جي ھن ادا کي پسند ڪن ٿا ڇو ته خان صاحب ھڪ عام پاڪستاني جي ترجماني ڪري ٿو. جيئن  جٽڪو انداز ۽ خان صاحب ھي ڳالھيون عام انگريزي ۾ به ڳالهائي ٿو. جٽڪو ڳالهائڻ سان جٽ برادري جي توھين مطلب ناھي. ھون به جٽ پنھنجي بي عزتي جو سامان گھر کان کڻي ھلندو آھي. مقصد صرف ھي آھي ته خان صاحب اسان جي نوجوانن جو مشعل راه به آھي. اسان جا نوجوان خان صاحب جي ڳالھ ان لاء به ٻڌن ٿا ڇو جو خان صاحب ڪنھن مولوي جي گھر پيدا ناھي ٿيو۔ ڪنھن مدرسي مان اخلاق سکي ناھي آھيو. اولھه ۽ اوڀر کي چڱي طرح پرکي پنھنجو رستو پاڻ چونڊيو اٿائين.  خان صاحب زنا جي باري ۾ ٻه دفعا نه بلڪ ٽه دفعا چئي چڪو آھي ته اصل مسئلو فحاشي ۽ اگھاڙپ آھي ان لاء مرد پنھنجي پاڻ تي قابو رکي، اھو ٿي نه ٿو سگھي.  لڳي ته ائين ٿو ته  يا ته خان صاحب جو ذھن پنھنجي گمراھ ماضي جي ڪنھن ڊسڪو ڪلب ۾ ڦري رھيو آھي يا وري خان صاحب جي زبان ان جي صاف ۽ نيڪ نيت جو ساٿ نه ٿي ڏي.

خان صاحب مخالفن جي ڀلي نه ٻڌي پر ڪنھن ڏينھن پنھنجي پارٽي جي متحرڪ خواتين کي گول ميز جي چوڌاري ويھاري ٿوري وقت لاء پاڻ کي خاموش ڪري انھن جي ئي ڳالهه ٻڌي ته  اصل مسئلو ڇاآھي ته خان صاحب کي اھو ئي ٻڌڻ ۾ ايندو جيڪو اسان جي معاشري ۾ سڀني کي خبر آھي. مان چار سال جي ھئس ۽ مان شلوار قميض پائيندي ھئس. مان اٺ سالن جي ھئس ۽ رئو ڀي پاتل ھيو. مان چاليھه سالن جي ھئس ۽ چادر به پاتل ھوئي.  اڪثر عورتون پنھنجي گھرن ، محلي ۾، ڪم جي جڳھ تي جنسي ھراساني جو شڪار ٿين ٿيون.  عمران خان جي حڪومت ان مسئلي تي قانون سازي به سخت ڪئي آھي ۽ مون کي يقين آھي ته خان صاحب ان کي  ڪريل فعل سمجھي ٿو پر آخر ۾ ان جي زبان تي اھا ڳالھ اچي ٿي وڃي جيڪا پاڪستان جا لونڊا ۽ مرد ٻڌڻ چاھن ٿا ته مان ته عورت کي ڏسي ڪري بي بس ٿي ويس مون کي پنھنجو پاڻ تي قابو ئي نه رھيو. خان صاحب پاڻ خود نفساني خواھشات ماري ڪري ئي ان رتبي تي پھتو آھي ھاڻي يا ته پنھنجي ڪردار جو مثال ڏي يا وري قانون جو خوف ڏياري.  خان صاحب کي اھا ته خبر ھوندي ته مرد کي ھر 9 سيڪنڊ کان پوء ڪوئي نازيبه خيال ايندو آھي پر ھو ان تي عمل ان ڪري نه ٿو ڪري ڇو ته ھن کي خوف آھي ته ڪٿي عورت چماٽ نه ھڻي يا وري شور نه مچائي ۽ گھر يا محلي ۾ بدنامي نه ٿئي ۽ جيڪڏھن ڪا باھمت عورت نڪري پئي ته ھو ٿاڻي ۽ ڪچھري نه پھچي وڃي. جتي گھٽ ۾ گھٽ ڪاغذن ۾ ته قانون موجود آھي. جيڪو مرد جي خلاف سخت سزا جو وعدو ڪري ٿو. عمران خان کي گھرجي ته عورت جي ڪپڙن جي پئمائش ڪرڻ بدران پنھنجو قانون پاڻ ئي پڙھي وٺي ۽ پوء قوم جي مردن کي به  ان قانون کان ڊيڄاري ۽ ڪڏھن ڪڏھن الله جي عذاب جو به ذڪر ڪري شايد اسان جي بيمار ذھنيت تي فرق پوي. (هي ڪالم نامياري ليکڪ محمد حنيف بي بي سي اردو لاءِ لکيو هو جنهن جو ترجمو جاويد سولنگي روزاني سنڌيار لاءِ ڪيو)

پهنجو تبصرو موڪليو