اسلام آباد (بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي گرفتاري خلاف مختلف شهرن ۾ ڪارڪنن طرفان احتجاج شروع ٿي ويا آهن.ڪراچي ۾ عمران خان جي گرفتاري خلاف تحريڪ انصاف جو شاهراهه فيصل تي احتجاج جاري آهي. تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن شاهراهه فيصل جا ٻئي روڊ ٽريفڪ لاءِ بند ڪري ڇڏيا آهن. احتجاج ۾ تحريڪ انصاف جا اسيمبلي ميمبر به شريڪ آهن. لاهور ۾ به پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي گرفتاري خلاف پي ٽي آءِ جي وڪيلن جو مال روڊ، جي پي او چوڪ تي احتجاج جاري آهي.ٻئي طرف اسلام آباد پوليس تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي گرفتاري خلاف احتجاج ڪندڙ ڪارڪنن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڇڏيو آهي.ڪارڪنن عمران خان جي گرفتاري کان پوءِ هاءِ وي بلاڪ ڪري ڇڏي هئي. سري نگر هاءِ وي بلاڪ ڪرڻ تي 20 کان مٿي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.










