لاهور(ويب ڊيسڪ)جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته عمران خان پاڪستان کي تباهه ڪيو.لاهور ۾ جي يو آءِ سربراهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عمران خان سياست کانپوءِ معاشي عدم استحڪام آندو، ان عدم استحڪام ۾ عالمي ادارا ملوث آهن.مولانا فضل الرحمان چيو ته عمران خان حڪومت آزادي جي نالي تي اسٽيٽ بئنڪ کي آءِ ايم ايف جي حوالي ڪيو، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر پارليامينٽ کي نه پر وزيراعظم کي جوابده آهي.هنن چيو ته عمران خان خوشيءَ جا نعرا هڻڻ ۽ عوام کي چريو بڻائڻ جي پاليسي تي عمل ڪري رهيو آهي، عمران خان اسان کي غلامي ۾ وٺي ڇڏيو آهي ۽ اسان جا هٿ پير ٻڌي ڇڏيا آهن.هن چيو ته ملڪ ۾ استحڪام لاءِ اسان کي مختصر مدي ۾ شارٽ ٽرم پلاننگ ڪرڻي پوندي.مولانا فضل الرحمان چيو ته آمريڪا دنيا جي سڀ کان وڏي معيشت آهي، چين مقابلو ڪري رهيو آهي، پاڪستان دنيا جي ڪنهن به معيشت ۾ موجود ناهي.هن چيو ته اسان جي سوچ واضح آهي ته ملڪ کي بهتري طرف ڪيئن وٺي وڃي، الله جو شڪر آهي ته ملڪ بهتري طرف وڃي رهيو آهي.










