اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بيرسٽر گوهر علي خان، عمران خان جي آفيشل ايڪس اڪائونٽ کان لاتعلقي جو اظهار ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ ان اڪائونٽ جي مالڪي قبول نٿي ڪري.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان جو ايڪس اڪائونٽ بند ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جيڪا جسٽس ارباب محمد طاهر ڪئي. شهري جي درخواست تي ٿيل ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر علي خان عدالت ۾ پيش ٿيو، جڏهن ته عمران خان جا وڪيل خالد يوسف چوڌري، شمسه ڪياني ۽ نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ اي) جا اختيارين پڻ عدالت ۾ حاضر ٿيا.ٻڌڻي دوران جسٽس ارباب محمد طاهر، بيرسٽر گوهر سان مخاطب ٿيندي چيو ته کيس ذاتي طور پيش ٿيڻ لاءِ نه گهرايو ويو هو، رڳو لکت ۾ جواب جمع ڪرائي پئي سگهيو.ان موقعي تي بيرسٽر گوهر عدالت آڏو عمران خان جي آفيشل ايڪس اڪائونٽ کان لاتعلقي ظاهر ڪندي چيو ته تحريڪ انصاف ان اڪائونٽ جي دعويدار ناهي.بيرسٽر گوهر عدالت کي استدعا ڪئي ته حالتون تبديل ٿي ويون آهن، تنهنڪري کين ڪجهه مهلت ڏني وڃي ته جيئن جواب جمع ڪرائي سگهن.جنهن تي جسٽس ارباب محمد طاهر چيو ته کين مهلت ڏني وڃي ٿي، جيڪو به موقف پيش ڪرڻو آهي، اهو لکت ۾ جمع ڪرايو وڃي.بيرسٽر گوهر وڌيڪ وقت ڏيڻ جي درخواست ڪندي چيو ته مهلت ملي ته تفصيلي جواب جمع ڪرائيندا.عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست منظور ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 23 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










