علي گيلاني جي ڪشميرين کي ڀارت خلاف ڀرپور مزاحمت جي اپيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بزرگ حريت اڳواڻ سيد علي گيلاني ڪمشيرين کي اپيل ڪئي آهي ته ڀارت جي ظلمن خلاف ڀرپور مزاحمت شروع ڪن. سيد علي گيلاني پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير ۾ غاصب ۽ جابر جي حيثيت رکي ٿو اقوام متحده جون قراردادون ڀارت جي غاصبانه قدمن جو واضح ثبوت آهن. سيد علي گيلاني چيو ته ڀارت وادي ۾ وڌيڪ زمين قبضي هيٺان ڪري غير ڪشميرين ۽ ڀارتي فوجين کي آباد ڪرڻ چاهي ٿو ۽ نام نهاد تعمير و ترقي جي نالي تي وڌيڪ زمين ڀارتي ادارن کي ڏني ويندي. بزرگ حريت رهنما جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪشميرين کي ان جي قدرتي وسيلن کان محروم ڪيو ويندو ڪشميري عوام کي اپيل ٿي ڪجي ته منصوبي جي پليت منصوبن خلاف ڀرپور مزاحمت ڪن ڇاڪاڻ ته ڪشميرين جي اڄوڪي مزاحمت سڀاڻي انهن لاءِ آزاديءِ جو سج اُڀاري سگهي ٿي. ياد رهي ته ڀارت 5 آگسٽ تي مقبوضه ڪشمير جي آئيني حيثيت ختم ڪري ڄمون، ڪشمير ۽ لداخ کي ٻن حصن ۾ تقسيم ڪري ڀارتي يونين ۾ شامل ڪيو ويو. ڀارت پنهنجي ان عمل خلاف وڏي پيماني تي عوامي ردعمل جي خوف کان 5 آگسٽ تي ئي مقبوضه ڪشمير ۾ اڻ ڄاڻايل مدي تائين ڪرفيو لاڳو ڪري ڇڏي آهي جنهن کي اڄ 141هون ڏينهن گذري چڪو آهي. مقبوضه ڪشمير ۾ 4 مهينن کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود موبائل ۽ انٽرنيٽ سروس بند، ڪاروبار زندگي مفلوج آهي جنهن ڪري وادي جا ماڻهو وڏي تعداد ۾ بيروزگار ٿي چڪا آهن ۽ کائڻ پيئڻ جون شيون به ختم ٿي چڪيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو