عليما خان جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور

عليما خان جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور

راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت عليما خان جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور ڪري ورتي آهي.اي ٽي سي جج امجد علي شاهه 26 نومبر جي احتجاج تي داخل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عليما خان جو وڪيل فيصل ملڪ ايڊووڪيٽ عدالت ۾ پيش ٿيو.ان موقعي تي عليما خان حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي، جيڪا عدالت منظور ڪري ورتي.بعد ۾ عدالت عليما خان خلاف داخل ڪيس جي ٻڌڻي 4 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو