ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستاني ڊراما ۽ فلم انڊسٽري جي مشهور اداڪار فيروز خان جي زال عليز سلطان پنهنجي ڌيءَ جي پهرين جھلڪ شيئر ڪري ڇڏي آهي.جيو انٽرٽينمينٽ جي ٻن بلاڪ بسٽر ڊراما سيريلز ”خاني“ ۽ ”مشتِ خاڪ“ ۾ ڪم ڪندڙ اداڪار فيروز خان ٻن ٻارن جو پيءُ آهي، هڪ پٽ ۽ هڪ ڌيءَ. گذريل ڏينهن سندس گهرواري سيده عليزا سلطان پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ انسٽاگرام تي ننڍي شهزادي ڌيءَ جي پهرين تصوير شيئر ڪئي هئي.عليز سلطان هن پوسٽ جي ڪيپشن ۾ لکيو ته هي منهنجو ننڍو ٻار خوبصورت آهي.ٻئي طرف سوشل ميڊيا پيجز دعويٰ ڪري رهيا آهن ته هي عليزا ۽ فيروز خان جي ڌيءَ فاطمه جي تصوير آهي.










