درس ذات، درس و تدريس سان ته وابسطه رھي ئي رھي آھي، پر اُن مان ڪيترائي بزرگ ۽ الله جا پيارا به پيدا ٿيندا رھيا آھن. جن مان عليم درس جي ڳالھه ئي ٻئي آھي. عليم درس جنھن جي گفتن بنا، ٻھراڙيءَ جون ڪچھريون اڻ پوريون ۽ اڌوريون ھجن ٿيون. افسوس جو عليم جيترو لھڻي، اوترو ته ڇا، پر مٿس صفا گھٽ لکيو ويو آھي! ڪجھه مواد ڪامريڊ مير محمد ٽالپر جي ڪتاب، ”ڪارا منھن مونچارا منھن“ ۾ البته ضرور ملي ٿو. ڍورو نارو عمرڪوٽ روڊ تي، ديھه ۽ يوسي ’صاڀو‘ تعلقي ۽ ضلعي عمرڪوٽ جي تاريخي اھميت واري ’صاڀي جي قبرستان‘ ۾ ابدي آرامي، عليم درس جا وڏا جيسلمير جي علائقي ’کاڏار‘ جا مالوند ماڻھو ھئا. جيڪي مال سانگي تعلقي کپري جي مشھور تاريخي ماڳ ’رتو ڪوٽ‘ ۽ ناري جي ھڪ پتڻ ۽ ننڍڙي ڪاروباري مرڪز ’ڍليار‘ ۾ اچي آباد ٿيا ۽ اُتان پوءِ اچي موجوده صاڀي جي ڳوٺ ۾ آباد ٿيا. جن مان اڄڪلھه عليم جي اولاد مان سندس پوٽو سليم عرف سِلو ڳوٺ کان اُتر اولھه ۾ ٿورو پرڀرو، ھڪ ٻئي ڳوٺ ’گنبي جو دڙو‘ ۾ آباد آھي.
سماجي ڪارڪن ۽ پياري دوست ملوڪ درس جي ڏس پتن تي عليم جي ڳوٺ پھتاسين. جتي صاڀي ڳوٺ جي نالي جي حوالي سان ڳوٺ جا جھونا وڏن کان ٻُڌل مختلف روايتون بيان ڪن ٿا. ھڪ روايت اھا آھي ته ھتي ڀر واري قبرستان ۾ ٻه اصحابي سڳورا مدفون آھن، جن جي ڪري نالو صحابي مان ڦري، صاڀي ۽ پوءِ صاڀو ٿيو آھي!! جڏھن ته ٻي روايت موجب ھتي اولھه ۾ ڀرسان ئي ’سامي جي مڙھي‘ آھي ۽ صاڀو ڳوٺ، اصل ۾ اُتي ئي ھو ۽ اھو نالو به اُتي ڪنھن سبب ڪري پيو ھو. اُن طرف بھرحال وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آھي.
ھتي ڳوٺ ۽ قبرستان جي تاريخي اھميت ته پنھنجي جاءِ تي پر مينھوڳي جي موسم ۾ توڙي سانوڻيءَ جي برساتن بعد ڀٽن تي ڦٽل گاھه ۽ ساوڪ، جيڪو منظر پيش ڪري ٿي، اھو تاريخي ڄاڻ بنا ئي من کي موھي وجھي ٿو ۽ سُڪون جي متلاشين کي ڏاوڻ ڏيڻ لاءِ ڪافي آھي. جنهن جو شڪار گڏ آيل دوست ظفر منگي ۽ صادق خاصخيلي اھڙو ته ٿيا، جو سج لٿي به، سندن اُٿڻ تي ارواھه ئي نه پيو ڪري! ھتان کان ڏکڻ ۾ ڍورو نارو ڇور روڊ ساڍا ٽي کن ڪلوميٽر تي، اُتر ۾ گولائي ۾ خوبصورت ڀِٽن جو سلسلو ۽ ان کان اڳتي ماضيءَ ۾ لوڻ جي حوالي سان مشھور ڍنڍ ’چَنيھر‘ (جنھن جي حوالي سان ھڪ اھم عورتاڻي ڪردار، ڏاڏي صالحان منڱريو جو دلچسپ قصو به بيان ڪيو وڃي ٿو) اولھه ۾ سامي جي مڙھي، صاڀي جو اصل ڳوٺ ۽ 6 کن ڪلوميٽرن تي ڍورو نارو شھر، جڏھن ته اوڀر ۾ اٺ کن ڪلوميٽرن تي ڇور جو شھر واقع ھجڻ سان گڏ، مقامي سياحن لاءِ انھي علائقي جي ڀرپاسي ۾ ٻيا به ڪيترائي ماڳ مڪان ۽ واھڻ وستيون موجود آھن.
عليم درس جا وڏڙا ته غلام نبي شاھه واري پاسي، ڍوري ناري جي دوست فيض چوپاڻ ۽ سنگت جي ڪوششن سان مُلڪان مُلڪ مشھور ٿيل اڇڙي ٿر تعلقي کپري جي ھڪ تمام خوبصورت ڍنڍ ’ڪَلانڪر‘ لڳ سيھڙ فقير وارو يا تليءَ وارو قبرستان ۾ ابدي آرامي آھن. پر پوءِ فقير شير محمد پاران ’لوس‘ جي بيماري بعد ھي نئون قبرستان ’آباد‘ ڪرڻ کان پوءِ ماڻھو، پنھنجي پيارن کي ھتي ئي ويجھو ھئڻ سبب، مٽيءَ ماءُ حوالي ڪرڻ لڳا. عليم درس جي والد جو نالو محمد صالح ھو. عليم کي ٻه پُٽ؛ ٻُڍو ۽ محمد صالح (جيڪي ٻئي گذاري چڪا آھن) ۽ ھڪ نياڻي نصيب ۾ آيا. نياڻي انڊيا ۾ کاڏار ۾ پرڻائڻ بعد، اُتي جي ئي پرديسڻ ٿي وئي! عليم لاءِ چئجي ٿو ته پاڻ سنڌي جي شروعاتي ڪجھه ڪلاس ئي پڙھيا. ھُنئن ته عليم جي طبيعت ٻاروتڻ کان ئي شاعراڻه ھئي، پر چون ٿا ته تُرڪي ٽوپي ۽ خاڪي ڪپڙا پائيندڙ عليم جي زندگيءَ ۾ وڏو ڦيرو ميرپور خاص ۾ ڪا تقرير ٻڌڻ بعد آيو (اھا تقرير رباني صاحب جي چئي وڃي ٿي) اُن بعد سچ ته هي جديد دور جو وتايو ڪڏھن به سچ چوڻ کان رھي نه سگھيو. معاشري ۾ موجود شِرڪ، پير پرستي ۽ جھالت جون ڳالھيون برداشت ڪرڻ سندس وس ۾ ئي نه رھيو! جھالت ۽ شرڪ جي ويجھو گذاريندڙ، عملي تربيت کان وانجھيل، رڳو ڏَن ڏيندڙ ۽ وٺندڙ پيرن مُريدن جون ڳالھيون ۽ ڪمن جي پوئيواري ڪرڻ ته رھيو پري، عليم کي اھي ڳالھيون عقل ۽ سمجھ ۾ ئي نٿي آيون! ۽ ھُن اندر ۾ ڪڙھندي ڪڙھندي نيٺ وڏي واقعي چئي ڏنو ته:
جيئرو کائي مُئو مچي،
اھا ڳالھه عليم جي عقل ۾ نه اچي!
ظاھر آھي ته اھي ڳالھيون مخصوص ڳوٺاڻي ۽ علاقائي ماحول ۾ ڪي عام رواجي ڪونه ھيون، اُن ڪري اهي ڳالھيون گھڻن جي برداشت کان ٻاھر ھيون. ان ڪري عليم کي جتي گھڻو ڪجھه بُرو ڀلو ٻڌڻ لاءِ مليو، اُتي کيس جھالت جي پاڙيسرين ۽ ساٿارين ھٿان تشدد جو نشانو بڻجڻو پيو! پر پوءِ به ھو سچ چوڻ کان ڪڏھن نه مُڙيو! سندس اھڙي سوچ جي شڪايت جڏھن پير صاحب پاڳاري شاھه مردان شاھه اڳيان ٿي (واضح رھي ته عليم جا وڏا پير صاحب جا مُريد ھئا) ته پاڻ عليم کي ملائڻ لاءِ چيو. اتفاق سان اھڙو موقعو جلد ئي اُن وقت ميسر اچي ويو، جڏھن پير صاحب پاڳارو دعوتن جي سلسلي ۾ کپري واري پاسي آيا، ته ڪي ماڻھو عليم درس کي پير صاحب وٽ وٺي ويا. پير صاحب عليم کان پيرن کي نه مڃڻ جي حوالي سان پڇيو ته عليم ان جو اقرار ڪيو. جنھن تي پير صاحب پنھنجي متعلق پڇيو ته، عليم اھو جواب ڏئي، پير صاحب کي مُسڪرائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو ته، ”توھان ته امامن جو اولاد آھيو!“.
عليم جون ڳالھيون ۽ سندس شاعري ٻُڌي لڳي ٿو ته عليم معاشري ۾ موجود جھالت جي ٻين ڳالھين سان گڏ اجائي پيري مُريدي جي به سخت خلاف ھو. عليم جي شاعري، جيڪا سندس دوست ڪامريد مير محمد ٽالپر ڇپرائڻ لاءِ کڻي ويو ھو، پر ڪامريڊ جي وفات بعد اھو قلمي نسخو، ڪامريد جي اولاد وٽان ڪافي عرصي بعد ٻيھر، عليم جي اولاد کي مليو آھي ۽ ڇپجڻ جو منتظر آھي. عليم جي شاعري جي خاص ڳالھه اھا به آھي ته ھو تمام وڏي ڳالھه تمام مختصر ۽ آسان لفظن ۾ اھڙي ته نموني ڪري ٿو جو اھا ڳالھه سنئون سڌو وڃي دل و دماغ تي اثر ڪري ٿي ۽ ماڻھو گھڻو ڪجھه سوچڻ تي مجبور ٿيو وڃي! عليم جي حوالي سان اھڙا ڪيترائي قصا ۽ واقعا اڄ به ٻڌڻ لاءِ ملن ٿا. جن مان ٻڌائڻ وارا توڙي ٻڌڻ وارا ٻئي لُطف ته وٺن ٿا، پر غور ڪرڻ سان اُن ۾ وڏي سمجھاڻي ۽ معنيٰ به ملي ٿي! ھڪ واقعي مطابق ته ڳوٺ ۾ ڪنھن بزرگ جي يارھين ھئي! جنھن تي عليم بيت ڏنو ته،
اٺ اجرڪون انڌن جون، ويون سڀ سڙي،
وڏو پير بغداد کان آيو ڪونه وري،
ڪَڃر ويا ڪَڙهي، پُڪاريندي پير کي!
ظاھر آھي ته اھڙي قسم جون ڳالھيون، جيڪي معاشري جي برداشت کان ٻاھر ھيون ۽ اُن جي قيمت مختلف نمونن سان عليم کي وقتاً وقتاً عليم کي ادا به ڪرڻي پئي. عليم جو اندر اھڙن ماڻھن کي ڏسي پيو ڪڙھندو ۽ سڙندو ھو، جيڪي ماڻھو معاشري ۾ پيار ۽ محبت بدران، انتشار پيدا ڪرڻ جو باعث بڻجن ٿا. جيڪي انسانيت جي خدمت ڪرڻ بجاءِ، ماڻھن ۾ خرابيون پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجن ٿا. اُنھن لاءِ عليم، الله پاڪ کي ٻاڏائيندي چوي ٿو ته:
مولا ھن مُلڪ جا فتنتي سڀ مار،
ھڪڙو خرابو وجھن ٿا خلق ۾، ٻيو تڪن پرايو مال!
ھاڻ اھڙي وجھه ڪا مار، جو حرامي نه رھي ھڪڙو.
عليم قدم قدم تي ماڻھن کي ٺڳيندڙ ڪوڙن پيرن خلاف ڄڻ ته پنھنجي شاعري وسيلي دانھون ۽ ڪوڪون ڪري، ماڻھن کي خبردار ڪندي نظر اچي ٿو. ھڪ ھنڌ ھو چوي ٿو ته:
ھٿ نه وجھجي سَر ۾، نانگ نه وجھجي ٻِر ۾،
پير نه ويھارجي گھر ۾، جي گھڻو ڪري گوڙ ته،
ھٿ وجھجي پادر ۾.
جيتوڻيڪ عليم جي شاعري علم عروض مطابق کڻي نه به ھجي، پر اُن ۾ ڳالھ ۽ معنيٰ وڏي ھجي ٿي! عليم وڏو اڻ موٽ ماڻھو ھو. وڏي عمر ٿي ويس، لٺ جي سھاري پيو ھلندو ھو ته به ڪا معاشرتي برائي ۽ خرابي ڏسي پاڻ جھلي نه سگھندو ھو ۽ دل ۾ آيل سڀ ڪجھ، سرِ عام چئي ڇڏيندو ھو. اھڙي ئي ھڪ موقعي جي حوالي سان عليم جو چوڻ آھي ته،
الله ۽ پير جو پاڻ ۾ ڪڄاڙو لڳي،
ھرڪو پنھنجو پيٽ پالڻ لاءِ،
گوري (اُٺ جو ٻچو) جيئن رڳي،
پوءِ ٺوڳن سان ٺڳي، پوڄاري ڪيا پنھنجا.
اھڙن ڪوڙن پيرن لاءِ عليم ھڪ ٻئي ھنڌ سڄي ڪھاڻي، چند سٽن ۾ ھن ريت بيان ڪري ٿو:
پير آيو پرديسي، بلي ڙي بلي،
ڪوٺي زال حرامي اوڏانھن ٿو ھلي،
وڃي ڪيائين زال بنگلي جي بِلي،
زر ڏنائين، زال به ڏنائين،
ھاڻ ٻاھر ڪڃر کلي ۽ ٽِلي.
عليم جيڪو امامن کي ته مڃندو ھو، پر ’جديد پيرن‘ کان ڪافي حد تائين بدظن ھو، سو پنھنجي اندر جو اظھار ڪجھه ھن ريت به ڪري ٿو ته:
خدا خلقيو ھڪڙو، سڏائين ٿو ٻيو،
پاڏي جھڙي پير کي، پُڪارين تون پيو،
مٿو تنھنجو ويو، جو منٿون ٿو ڪرين مئل کي!
عليم، جنھن جي شاعري، خيالن ۽ جُرت کان متاثر ٿي، ٻين ڪيترن ئي وڏن شخصيتن سان گڏ حاجي احمد ملاح جھڙا ماڻھو به ساڻس ملڻ لاءِ سندس ڳوٺ آيا. جن سان عليم جون ڳوٺ واري قديم مسجد ۾ روح رهاڻيون ۽ قربائيتيون ڪچھريون ٿينديون ھيون. پر ساڳئي وقت تَر جي ننڍي سوچ وارن ماڻھن کي عليم جي ڳالھه اُن ڪري سمجھه ۾ نٿي آئي جو، عليم جي سوچ، سندن سوچ کان ڪيترائي ڏھاڪا اڳتي ۽ گھڻو مٿي ھئي!
مسڪيني حال ماڻھن جي حالت تي اندر ۾ وٽ کائيندڙ عليم ھڪ ھنڌ ائين به چوڻ ته مجبور ٿئي ٿو ته:
اڳي ابليس ھو ھڪڙو، مٿان پيري به ٺھي،
ھاڻ خلق جي خارڻ لاءِ ٻُٽ ٿيا ٻئي.
عليم جو ھڪ جَڳ مشھور واقعو اھو به آھي ته اڇڙي ٿر جي ھڪ مشھور اوليا الله ’نورو ولي‘ تي پيل پڙ ساڙيندي عليم بيت چيو ته، ”عليم ٿو اچي، نورو ٿو نچي“. يا پوءِ ھلندي ڦرندي بيت چوندڙ عليم جڏھن اھو چيو ته:
”نورا ولي، آيو عليم درس ھلي،
تنھنجي ڪرامت نه ھلي نه ھلي،
وئي پھرين تيلي سان جَلي“.
ته مٿس کپري جي مشھور شخصيت محترم حاجي محمد ھاشم چانيھو صاحب لاءِ ٻڌجي ٿو ته ھُن مٿس سيشن ڪورٽ ۾ پَڙ ساڙڻ جو ڪيس داخل ڪرايو. ڪورٽ ۾ جڏھن عليم کان وڪيل بابت پڇيو ويو ته عليم پنھنجي وڪالت پاڻ ڪرڻ لاءِ چيو. جڏھن جج عليم کان شاھدن جا نالا گھريا ته ھُن شھيد عبدالرحيم گرھوڙي ۽ شاھه عبدالطيف ڀٽائيءَ جا نالا شاھدن طور لکرايا! ڪيس ھلندي جڏھن، جج صاحب کي اصل قصي جي خبر پئي ته اھي شاھدن جا ٻئي نالا، ڪھڙن بزرگن جا آھن، ته عليم کان اُن حوالي سان پڇڻ تي، عليم چيو، اھي بزرگ ماڻھن کي پُٽ ڏئي سگھن ٿا ته منھنجا شاھد ڇو نٿا ٿي سگھن! چون ٿا ته محترم محمد ھاشم چانيھو صاحب، عليم کان سخت متاثر ٿيو ۽ پوءِ عليم ۽ ھو پاڻ ۾ ڪافي ويجھا به ٿي ويا! عليم درس ماڻھن کي سمجھائيندي سمجھائيندي، جھالت ۽ بُرائين خلاف آواز اُٿاريندي اُٿاريندي، سئو کن سالن جي ڄمار ۾ جڏھن ڀٽي صاحب، ايوب خلاف تحريڪ پئي شروع ڪئي، اُن وقت دَم جي صورت ۾ وٽس بچيل ڌڻي جي آخري امانت، معمولي بخار جي بھاني ڳوٺ ۾ ئي ڌڻي حوالي ڪري ڇڏي! سندس وفات وارو وقت آرھڙ جي سخت گرمي جو وقت ھو، لُڪون پئي لڳيون. ماڻھن جو گرمي سبب ساھه پئي نڪتو. عليم ويندي ويندي پُٽ کي نصيحت ڪئي ته سندس پُٺيان ڏيکاءُ واريون خيراتون ۽ رسمي مانيون ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي. اھو چئي عليم وڃي الله سائين وٽ پھتو! پٺيان برسات اچي ٺڪاءُ ڪيو. ساھه گھٽجندڙ ماڻھن، سُک جو ساھه کنيو! ايتري ته برسات پئي جو نه صرف عليم لاءِ کوٽيل قبر مان دَٻن ذريعي پاڻي ڪڍڻو پيو، بلڪه ماڻھن پاران اسرار ڪري ڪانڌپي لاءِ ڀَت رڌڻ واسطي کوٽيل چَر به ٻَري نه سگھي!. ساڳي ڪار سندس ٽيجھي جي موقعي تي به ٿي! ائين عليم جن رسمن خلاف آواز اُٿاريندي، ”جيئرو کائي مئو مچي، اھا ڳالھه عليم جي عقل ۾ نٿي اچي“، چوندو رھيو، اھا ڳالھه ھُن رب جي رضا سان ڪري به ڏيکاري! عليم درس، جنھن جي صحبت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، اُن وقت جي ڊپٽي ڪمشنر محمد ھاشم ميمڻ ۽ ڪامريڊ مير محمد ٽالپر جھڙن ماڻھن سان ھئي ۽ جيڪو پاڻ ھميشه قبر پرستيءَ ۽ پڙن خلاف رھيو، دلچسپ ڳالھه اھا ته سندس مرڻ پڄاڻان، سندس قبر تي به پڙ پوڻ شروع ٿي ويا!َ بقول عليم جي پوٽي سليم درس جي ته ھڪ ڀيري نائين ڏھين محرم تي ڪامريڊ مير محمد جڏھن، عليم جي قبر تي قُل پڙھڻ لاءِ آيو ته عليم جي قبر تي پڙ ڏسي، ’پراڻي دوستي سبب ڪجھ وڌيڪ ئي حجائتو ٿيندي‘ پڙن کي اھو چئي ساڙي ڇڏيو ته، ھو پاڻ سڄي زندگي ھنن پڙن خلاف رھيو، سو اڄ ھن جي قبر تي پڙ چاڙھيا پيا وڃن! ڪاش وڏيري شاھنواز جوڻيجي جي فرند مرحوم گل جوڻيجي پاران پنھنجي شوق خاطر عليم درس بابت گڏ ڪيل سندس بيت ۽ روايتون سامھون اچن ته عليم بابت ڪافي وڌيڪ مواد ملي سگھي ٿو. پيارن دوستن ظفر منگي ۽ صادق خاصخيلي سان گڏ جڏھن اسان ستتر سالن جي جھوني حاجي محمد علي درس کي سونھون ڪري، عليم جي آخري آرامگاھه تي پھتاسين ته واريءَ ۾ تازي وُٺل برسات سبب، ٿيل سائي گاھه جي چادر ڪافي حد تائين، عليم جي قبر، توڙي قبرستان کي ويڙھي چڪي ھئي! عليم جي قبر ڀرسان سندس پُٽ ٻڍي جي قبر ۽ پٿر لڳل آھي، پر عليم جي قبر وارو ننڍڙو پٿر سندس قبر جي سيراندي ۽ پيراندي کان اُڀريل/پوکيل ’ڪنوار ٻوٽي‘ ھيٺيان دٻجي چڪو ھو! عليم جي قبر تي ڪجھه ڇڊا پاٺا سِرن جا ٽڪرا ۽ وقت جي وھڪري ۾ ھيٺ ويھندڙ قبر جي مٽيءَ به آھستي آھستي قبر واري دڙي مان زمين بوس ٿيڻ ڏانھن وڌي رھي ھئي! قبر تي گل ڇٽيل ۽ پوکيل ته ڏٺا ھئاسون، پر اھڙو ٻوٽو ڪٿي گھٽ ئي نظر آيو ھوندو! ھونئن به عليم جي قبر کي به سندس حياتيءَ وانگر ٻين کان الڳ ۽ منفرد ئي ھجڻ گھرجي! باقي رھي ڳالھه عليم درس جي قبر تي پَڙ چاڙھڻ يا نه چاڙھڻ جي ته اُن سان ڪھڙو ٿو فرق پوي! في الحال ته قدرت پاڻ ئي سائي گاھه جي صورت ۾، عليم جي قبر مٿان پَڙ چاڙھي ڇڏيو آھي، پوءِ جا ڀاڳ، پوءِ سان!!










