ميرپور ماٿيلو (ن س) ميرپور ماٿيلي جي عدالت صحافي نصر الله گڏاڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي 6 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ صحافي نصر الله گڏاڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران صحافي نصر الله گڏاڻي جو ڀاءُ يعقوب گڏاڻي عدالت ۾ پيش ٿيو. پوليس گرفتار جوابدار اصغر لنڊ ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو. جوابدار عبدالله لنڊ به دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ٿيو. عدالت فريادي ڌر جو وڪيل پيش نه ٿيڻ سبب ٻڌڻي 6 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










