عدالت نواز شريف کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

عدالت نواز شريف کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) جسٽس علي باقر نجفي ۽ جسٽس سردار احمد نعيم تي مشتمل ٻه رڪني بينچ غير مشروط طور تي ميان نواز شريف جو نالو اي سي ايل مان خارج ڪري 4 هفتن لاءِ پرڏيهه مان علاج ڪرائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. عدالت انڊيمنٽي بانڊ جي حڪومت پاران لڳايل شرط کي رد ڪيو آهي. ان کان اڳ نواز شريف کي علاج لاءِ 4 هفتن لاءِ پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏيڻ بابت مسودو ڌرين جي وڪيلن حوالي ڪيو ويوجنهن تي حڪومت اتفاق نه ڪيو جنهن بعد عدالت طبي بنياد تي سندس نالو اي سي ايل مان خارج ڪرڻ ۽ کيس پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏيڻ جو حڪم جاري ڪيو. مسودي ۾ چيو ويو هو ته جيڪڏهن ڊاڪٽر چون ته وڌيڪ قيام جي ضرورت آهي ته مدت ۾ واڌ ڪئي ويندي. ڇنڇر تي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ سرڪاري وڪيل چيو ته جيڪڏهن نواز شريف حڪومت کي انڊيمنٽي بانڊ نٿو ڏيڻ چاهي ته ڀلي عدالت ۾ جمع ڪرائي. ٻڌڻي دوران ميان شهباز شريف، احسن اقبال، پرويز رشيد ۽ ٻيا مسلم ليگي اڳواڻ به موجود هئا. عدالت کائنس نواز شريف ۽ شهباز شريف جي وطن واپسي بابت لکت ۾ بيان جمع ڪرائڻ جو چيو جنهن تي شهباز شريف جي وڪيل هٿ سان لکيل ٻن صفحن تي ٻڌل بيان حلفي داخل ڪرايو ته ڊاڪٽرن جي سفارش تي ميان نواز شريف پرڏيهه علاج لاءِ وڃي رهيو آهي ۽ هو صحتمند ٿيڻ بعد واپس وطن اچي عدالتن ۾ ڪيسن کي منهن ڏيندو ۽ شهباز شريف سندس واپسي ۾ سهولتڪاري جو ڪردار ادا ڪندو. سرڪاري وڪيل چيو ته اسين صرف هڪ بيان ٿا گهرون جيڪو قانوني تقاضا آهي. جنهن تي عدالت چيو ته درخواست گذار جيڪو بيان ڏئي ٿو لکت ۾ اوهان اهو ڏسي وٺو. ڇنڇر تي عدالتي ڪاروائي ۾ ٻه ڀيرا وقفو ڪيو ويو. عدالت چيو ته هو ڌرين جي رضامندي سان ڪو نتيجو ڪڍڻ چاهن ٿا. ان دوران عدالت 7 سوال به ڪيا ته ڇا سزا يافته شخض جو نالو اي سي ايل مان ڪڍي سگهجي ٿو، ڇا نالو ڪڍڻ لاءِ ڪه طرفو فيصلو ڪري سگهجي ٿو، ضمانت تي هوندي سزا معطلي کانپوءِ عدالتي حڪم جي موجودگي جي قانوني صورتحال ڇا هوندي، ڇا درخواست گذار انڊيمنٽي بانڊ بابت موقف تبديل ڪري سگهي ٿو، ڇا ڪو نقطو ميمورينڊم ۾ شامل يا ڪڍي سگهجي ٿو، ڇا ميمورينڊم انساني بنياد تي جاري ڪيو ويو آهي، ڇا ڌريون بانڊ جي رقم ۾ گهٽتائي ڪري سگهن ٿيون. ان دوران شهباز شريف جي مشاورت بعد سندس وڪيل هٿ سان لکيل ٻن صفحن جي ضمانت لکي ڏني ته صحتمند ٿيڻ بعد نواز شريف واپس اچي ڪيسن کي منهن ڏيندو.سرڪاري وڪيل شهباز شريف جي وڪيل پاران داخل ڪرايل بيان جي ڪاپي ورتي ۽ وفاقي وزارت قانون موڪلي جن چيو ته هن ۾ قانوني نقص آهن اسين پنهنجو ڊرافٽ جمع ڪرائينداسين. عدالت ٽيون ڀيرو وقفو ڪندي اڍائي وڳي سماعت ٻيهر ڪرڻ جو چيو پر سرڪاري وڪيل مشوري ۾ دير ڪئي. جنهن بعد سرڪاري وڪيل چيو ته عدالت مخصوص مدت لاءِ ضمانت منظور ڪئي آهي، هنن واپسي جي مدت ناهي ٻڌائي، شهباز شريف اهو لکت ۾ ڏئي ته نواز شريف جي نه اچڻ جي صورت ۾ هو ڏنڊ جي رقم ڀريندو. اسحاق ڊار به علاج لاءِ ويو جيڪو اڃا بيمار آهي. عدالت چيو شهباز شريف جي لکت ۾ ڪرايل خاطري ۾ هن چيو آهي ته نواز جي واپسي ۾ هو سهولتڪاري فراهم ڪندو ان ڪري لفظ سهولتڪاري بدران ان جي واپسي يقيني بنائڻ لکيو وڃي. عدالت چيو ته بيان حلفي ڏيڻ بعد نواز شريف واپس نه اچي اسين اها توقع نٿا ڪريون. عدالت پڇو ته ڇا حڪومتي نمائندو اهو چيڪ ڪري سگهي ٿو ته نواز شريف ٺيڪ آهي. جنهن تي شهباز شريف جي وڪيل چيو ته لندن هاءِ ڪميشن جو ڪو نمائندو چيڪ ڪري سگهي ٿو. عدالت ڪاروائي ملتوي ڪندي چيو ته ٻنهي ڌرين جي ڊرافٽس جو جائزو وٺي هو نئون ڊرافٽ تيار ڪندا. نواز شريف جي صحت بابت عدالت کي آگاهه ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو