اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ اڳوڻي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل سنڌ جي اڳوڻي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد سان ملاقات ڪئي آهي.شاهد خاقان ۽ ڊاڪٽر عشرت العباد وچ ۾ ملاقات ۾ تيزي سان بدلجندڙ سياسي ماحول تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ذميوار ۽ بااثر سياستدان ئي ملڪ کي پسماندگيءَ جي دلدل مان ڪڍي سگهن ٿا.شاهد خاقان عباسي کان اڳ مفتاح اسماعيل ڊاڪٽر عشرت العباد سان به ملاقات ڪئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته مفتاح اسماعيل جي عشرت العباد سان ملاقات جو مقصد سياسي منظر نامي جو جائزو وٺڻ هو.ويجهن ذريعن جو چوڻ آهي ته عشرت العباد سان ملاقات سياسي پارٽي سان لاڳاپيل معاملن تي نه هئي.










