عام چونڊون، پولنگ اسٽيشنز ٺاهڻ لاءِ تفصيل طلب

عام چونڊون، پولنگ اسٽيشنز ٺاهڻ لاءِ تفصيل طلب

لاهور( ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان عام چونڊن جي تيارين جي سلسلي ۾ مڙني ضلعن کان خانگي تعليمي ادارن ۽ سندن استادن جو تفصيل طلب ڪري وتو آهي. اليڪشن ڪميشن عام چونڊن ۾ پولنگ اسٽيشنز ٺاهڻ لاءِ سمورن ضلعن ۽ خانگي اسڪولن جو تفيصل گهريو آهي. جن ضلعن ۾ سرڪاري عمارتون ۽ ملازم گهٽ هوندا اتي انهن خانگي اسڪولن ۽ استادن جي مدد ورتي ويندي. ان حوالي سان اليڪشن ڪميشن جي هدايت تي چئني صوبن جي تعليم کاتي کي خط اماڻيا ويا آهن. اليڪشن ڪميشن مطابق سرڪاري عمارتون گهٽ پوريون نه پيون ته پولينگ اسٽيشن خانگي اسڪولن ۾ ٺهنديون ۽ سرڪاري ملازمن پورا نه پيا ته پولنگ عملي لاءِ خانگي استاد ورتا ويندا. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان مطابق خانگي اسڪولن ۽ استادن کي متبادل طور تي رکيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو