طارق روڊ لڳ عمارت ۾ غيرقانوني اڏاوت بابت درخواست جي ٻڌڻي 4 هفتن لاءِ ملتوي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ طارق روڊ لڳ عمارت ۾ غيرقانوني اڏاوت بابت درخواست جي ٻڌڻي چئن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي عدالت وڪيل ايس بي سي اي تي ڪاوڙ ڪندي ريمارڪس ڏنا ته ڏيکاءُ واري ٽوڙ ڦوڙ کان سواءِ ٻيو اوهان ڇا ڪريو ٿا؟ سنڌ هاءِڪورٽ ۾ طارق روڊ لڳ عمارت ۾غيرقانوني اڏاوت بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي غيرقانوني اڏاوت ختم نه ڪرڻ تي ايس بي سي اي جي وڪيل تي ڪاوڙجي پئي عدالت ايس بي سي اي جي وڪيل کي چيو ته ڏيکاءُ واري ڀڃ ڊاهه کان سواءِ ٻيو اوهان ڇا ڪريو ٿا عدالت ريمارڪس ڏنا ته ڏيکاءُ خاطر ڀڃ ڊاهه ڪري رشوت جا ريٽ طئي ڪريو ٿا اوهان ماڻهو بليڪ ميل ڪريو رشوت ڏيو ٻي صورت ۾ پوري اڏاوت ڊاهي ڇڏينداسين جسٽس سيد حسن اظهر رضوي ريمارڪس ڏنا ته اوهان ماڻهن کي لائسنس ملي چڪو ايئن ڪرڻ جو، ايس بي سي سي اي جي وڪيل موقف ڏنو ته ان حوالي سان هڪ ڪيس عدالت ۾ ٻڌڻي هي آهي 12 گوڌامن ۾ 45 دڪان ٺاهيا ويا عدالت ريمارڪس ڏنا ته اوهان اسٽي ختم ڪرڻ لاءِ ڇا ڪيو سيد حسن اظهر رضوي ريمارڪس ڏنا ته ٽوپي ڊرامو نه ڪريو. پنهنجي ڪارڪردگي ٻڌايو 8 سالن کان اسٽي هلي رهيو آهي لکين رپيا ڪاميا ويا هوندا ان ۾ نذرانو اوهان ماڻهن کي به ملندو هوندو اوهان 15 ڏينهن ۾ منع نامو ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو عدالت ٻڌڻي ڇئن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو