اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار ضمني مالياتي بل 2023 پارليامينٽ ۾ پيش ڪري ڇڏيو. راجا پرويز اشرف جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي اجلاس مقرر وقت کان تقريبن هڪ ڪلاڪ دير سان شروع ٿيو، جنهن ۾ اسحاق ڊار ضمني مالياتي بل 2023 پيش ڪيو. هن بل پيش ڪرڻ دوران عوام کي سادگي اختيار ڪرڻ جي صلاح ڏيندي چيو ته لگزري شين تي جنرل سيلز ٽيڪس جي شرح وڌائي 17 کان 25 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز آهي، شادي هالن جي تقريبن جي بلن تي 10 سيڪڙو ٽيڪس، جڏهن ته سگريٽ ۽ شربتن تي فيڊرل ايڪسائز ڊيوٽي جي شرح ۾ واڌ جي به تجويز آهي. سندس چوڻ هو حڪومت کي مهانگائي جو احساس آهي، تنهن ڪري اسان ڪوشش ڪئي آهي ته غريب عوام تي گهٽ بار پئي، اهو ئي سبب آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي وظيفي ۾ واڌ ڪئي پئي وڃي، پروگرام جي رقم ۾ 40 ارب رپين جي واڌ ڪئي وئي آهي، جيڪا 400 ارب رپيا ٿي ويندي. اسحاق ڊار چيو ته اوڳاڙين جي 170 اربن جي موجوده ۽ گذريل ٽارگيٽ کي پورو ڪيو ويندو، جڏهن ته 5 سال پراڻن ٽريڪٽرن جي درآمد جي اجازت ڏني وئي آهي، هارين لاءِ 2000 ارب رپين جو پيڪيج ڏئي چڪا آهيون، جن مان 1000 ارب رپيا ورهائجي چڪا آهن، هارين کي زرعي سامان تي سستا قرض ڏنا ويندا ۽ ڀاڻ تي 30 ارب رپيا ڏنا پيا وڃن، جڏهن ته يوٿ لون لاءِ 30 ارب رپيا رکيا ويا آهن، 75 هزار سولر ٽيوب ويل لڳائڻ جو هدف رکيو ويو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته دوائن، پيٽروليم، اسپورٽس جي ايل سيز کولڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، شروعاتي طور تي معاشي ترقي جي رفتار سست هوندي پر پوءِ اها شرح 4 سيڪڙو تائين ويندي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي ناقص پاليسين سبب ملڪ کي نقصان پهتو، ن ليگ جي گذريل دور ۾ معيشت ترقي ڪري رهي هئي، ن ليگ جي دور ۾ جي ڊي پي ۾ 112 ارب ڊالرن جي واڌ ٿي، ن ليگ حڪومت قرضن ۾ گهٽ کان گهٽ واڌ جي ڪوشش ڪندي آهي، اسان جي دور ۾ ٻاهرين سيڙپڪاري ۾ واڌ ٿي، پي ٽي آءِ جي دور ۾ ملڪي تاريخ جا رڪارڊ قرض ورتا ويا، پي ٽي آءِ جي دور ۾ عام ماڻهو جي آمدني گهٽي. ن ليگ سينيٽر چيو ته بجلي شعبي ۾ سڌارا اسان لاءِ وڏي حيثيت رکن ٿا، عالمي مالياتي ادارن بجلي جي شعبي ۾ سڌارن جو چيو آهي، اسان عمران حڪومت جي آءِ ايم ايف سان ڪيل واعدن کي نڀايو، اسان ان جي وڏي سياسي قيمت ادا ڪري رهيا آهيون، سمجهون ٿا ته سياست نه رياست اهم آهي. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم شهباز شريف جلد ضمني مالياتي بل تي قوم کي اعتماد ۾ وٺندو، وزيراعظم ۽ ڪابينا پنهنجا خرچ گهٽ ڪرڻ جو پلان ڏيندي. اسحاق ڊار چيو ته بجلي جي شعبي ۾ سڌارا اسان جي پنهنجي معاشي مستقبل لاءِ خاص حيثيت رکن ٿا هن صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ لازم آهي ته اسان چند مشڪل فيصلا ڪريون جيڪي اڄ اسان کي ڏکيا لڳن ٿا پر بجلي جي شعبي جي اصلاح ۽ معاشي استحڪام لاءِ اڻٽر آهن ان حوالي سان عالمي مالياتي ادارن به هن شعبي جي سڌارن کي يقيني بنائڻ تي گهڻو زور ڏنو آهي حڪومت جن سڌارن جو فيصلو ڪيو آهي ان جي نتيجي ۾ هن سال شامل ٿيندڙ 855 ارب جي گردشي قرضن کي گهٽائي 336 ارب رپيا ڪيو ويو هي اسان جو نئون حدف آهي ڇو ته 570 ارب رپيا هن معزز ايوان بجيٽ ۾ منظور ڪيا آهن هي ان کان علاوه آهن هن چيو ته ان کان علاوه باقي رهيل فرق کي پورو ڪرڻ لاءِ بجيٽ مان رقم رکي ويندي جنهن سبب بجيٽ ۾ ٿيندڙ وڌيڪ خساري جي ڪجهه حصي کي نئين محصولات سان حاصل ڪيو ويندو تنهنڪري هن فنانس بل جي ذريعي ڪابينه 170 ارب رپين جا اضافي ٽيڪس لڳائڻ جي منظوري ڏني آهي هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته رڳو اهڙا ٽيڪس لڳايا وڃن جنهن جو سڌو سنئون غريب ۽ وچولي طبقي تي گهٽ کان گهٽ ٻوجهه پوي ان لاءِ روزمره جي شين تي اضافي ٽيڪس ناهي لڳايا ويا ان تنازر ۾ معزز ايوان ۾ هيٺ ڏنل ٽيڪس تجويزون پيش ڪيون پيون وڃن. پوءِ اسحاق ڊار سينيٽ ۾ به ضمني مالياتي بل 2023 پيش ڪيو، ان موقعي تي اپوزيشن طرفان سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو ۽ سينيٽ چيئرمين جي ڊائس جو گهيرو به ڪيو ويو. سينيٽ ۾ اپوزيشن ميمبرن بل جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون ۽ حڪومت خلاف نعريبازي به ڪئي، جڏهن ته سينيٽ چيئرمين بل اسٽينڊنگ ڪميٽي کي موڪليندي ايوان جي ڪارروائي 23 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن صدر پاران آرڊيننس جاري ڪرڻ کان انڪار کان ترت پوءِ وفاقي ڪابينه جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ٽيڪس ترميمي بل، فنانس بل، 2023 جي منطوري ڏني وئي هئي شروع ۾ حڪومت هڪ کرب 70 ارب رپين جا فنڊ گڏ ڪرڻ لاءِ ٽيڪس ۽ نان ٽيڪس قدم متعارف ڪرائڻ جو پلان جوڙيو هو جڏهن ته آخري گهڙين ۾ ان نان ٽيڪس قدم خاص ڪري هڪ کرب رپيا گڏ ڪرڻ لاءِ فلڊ ليوي جي تجويز ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو رات دير سان ٿيندڙ اڳڀرائي ۾ فيڊرل بورڊ آف روينيو مقامي سطح تي تيار ٿيندڙ سگريٽس تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي وڌائڻ لاءِ اي آر او 178 جاري ڪيو جنهن سان تماڪ جي شين تي لڳل ٽيڪس سان 60 ارب رپيا گڏ ٿيندا ان کان سواءِ حڪومت جنرل سيلز ٽيڪس تي 17 سيڪڙو کان وڌائي 18 سيڪڙو ڪرڻ سان وڌيڪ 55 ارب رپيا حاصل ڪندي ان کان سواءِ رهيل 55 ارب رپيا هوائي جهاز جي ٽڪيٽن، کنڊ جي شربتن تي ايڪسائيز ڊيوٽي وڌائي ۽ وڌ هولڊنگ ٽيڪس جي شرح ۾ اضافو ڪري گڏ ڪيا ويندا.










