اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري چين جو 5 ڏينهن جو دورو مڪمل ڪرڻ کان پوءِ پاڪستان واپس پهچي ويو.صدر آصف علي زرداري کي سينئر ڪميونسٽ پارٽي اڳواڻ وانگ ڪيانگ سانيا ايئرپورٽ تي الوداع ڪيو. صدر جي چين جي دوري دوران پاڪستان ۽ چين ۾ تعميراتي مشينري، صحت ۽ طبي ٽيڪنالاجي سان لاڳاپيل معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون.سينيٽر سليم مانڊوي والا ۽ نائب صدر سيني گروپ ۽ چيئرمين مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون. صدر زرداري ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحن جي تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي پاڪ چين دوستي جي 75 هين سالگرهه تي ٻڌل هڪ دستاويزي فلم ڏيکاري وئي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٽي طرفي تعاون سي پيڪ سان لاڳاپيل تعميراتي مشينري ۽ سامان جي فراهمي کي فروغ ڏيندو.










