واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ 3 نومبر تي رٿيل صدارتي چونڊ ۾ ٻيو ڀيرو ڪامياب ٿيڻ جي صورت ۾ هڪ ڪروڙ نيون نوڪريون ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. هن چيو ته 10 مهينن ۾ هڪ ڪروڙ نوڪريون ۽ 10 لک نوان ڪاروبار شروع ڪندس. هن چيو آهي ته چين تان انحصار گهٽ ڪبو، دنيا ۾ هلندڙ جنگيون ختم ڪري فوجي واپس وطن آڻيندس. سندس مقابلي ۾ ڊيموڪريٽس جو بائيڊن کي نامزد ڪيو آهي ۽ ڪجهه آمريڪي تجزيه ڪار ان کي فيورٽ به قرار ڏين پيا. جيڪڏهن صدر ٽرمپ اليڪشن هارائي ته ڪيترن ئي سالن بعد هي پهريون آمريڪي صدر هوندو جنهن کي ٻيو ٽرم نصيب نه ٿيندو.










