ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صدرِ مملڪت سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي ملاقات ڪئي آهي.ملاقات دوران وفاقي حڪومت سان لاڳاپيل بين الصوبائي معاملن ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين اهم موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.صدرِ مملڪت آصف علي زرداري زور ڏنو ته صوبن جي پاڻ ۾ سهڪار کي وڌائڻ سان نه صرف عوامي مسئلا حل ٿيندا پر ملڪي استحڪام کي به وڌيڪ هٿي ملندي.










