اسلام آباد(بيورو رپورٽ)صدر آصف علي زرداري ترڪ صدر رجب طيب اردگان کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني آهي. صدر آصف زرداري ترڪ صدر رجب طيب اردگان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.ڳالهين دوران ٻنهي صدرن ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي آصف زرداري مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.صدر آصف زرداري عيدالفطر جي موقعي تي ترڪ صدر طيب اردگان کي به مبارڪباد ڏني ۽ ترڪ صدر ۽ عوام لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.










