نئون ديرو(ن س) صدر آصف علي زرداري صدارتي ڪيمپ آفيس ۾ پاڪستان جو جهنڊو ڦڙڪايو. هو نوابشاهه ۾ عيد ملهائڻ بعد نئون ديرو پهتو. جتي پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان عيد مليو. جنهن بعد بلاول ڀٽو ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ٻين سان گڏجي ڳڙهي خدا بخش ۾ شهيد بي بي سميت سمورن شهيدن جي مزار تي حاضري ڀري ۽ سندن مغفرت لاءِ فاتحه ڪئي. جنهن بعد وفاقي وزيرن جن ۾ محسن نقوي، محمد اورنگزيب ۽ علي پرويز ملڪ شامل هئا، صدر سان ملاقات ڪئي. جنهن ۾ بلاول ڀٽو ۽ وڏو وزير به موجود هئا. صدر وفاقي حڪومت کي هدايت ڪئي ته ايران جي جنگ سبب پيٽرول جو بحران آهي، حڪومت يقيني بڻائي ته عام ماڻهن تي وڌيڪ قيمتن جو ٻوجهه پوي.










