ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) صدرِ مملڪت آصف علي زرداري سان بلوچستان جي صوبائي وزيرن بلاول هائوس ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ بلوچستان ۾ امن وامان، ترقياتي منصوبن ۽ صوبي جي مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صدرِ مملڪت بلوچستان ۾ ترقي جي عمل کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته بلوچستان جي عوام کي بنيادي سهولتن جي فراهمي ۽ صوبي جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هن بلوچستان ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. صدرِ مملڪت چيو ته بلوچستان جي ترقي، امن وامان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ، عوامي ڀلائي ۽ صوبي ۾ معاشي سرگرمين جي فروغ لاءِ سمورا لاڳاپيل ادارا هڪٻئي سان مڪمل رابطي ۾ رهي ڪم ڪن. ملاقات ۾ صوبائي وزيرِ آبپاشي صادق عمراني، وزيرِ منصوبابندي ۽ ترقي ظهور بليدي، وزيرِ صحت مير بخت ڪاڪڙ، وزيرِ لائيوسٽاڪ سردار فيصل جمالي، وزيرِ صنعت و تجارت ڪويار ڊومڪي، وزيرِ محنت غلام رسول عمراني ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي بلوچستان جو سينيئر نائب صدر مير علي حسن زهري شريڪ هئا.










