تحرير ايڊووڪيٽ عبيدالله ڇڄڻ
حق ۽ سچ کي دٻائڻ ڪا نئين ڳالهه ناهي، غريب، بي پهچ ۽ بي سهارا ماڻهن جو سگهارو آواز بڻجي انصاف جي التجا کي اڳڀرو ڪندڙ پوري ملڪ جي صحافين سان ٿيندڙ ڪهڙين زيادتين کي وائکو ڪجي ۽ دل ۾ سانڍيل ڪهڙا داستان ونڊجن، هر طرف تڪليفون ۽ آزمائشون تلوار جيان لٽڪيل آهن. گذريل هڪ هفتي اندر جي مجموعي رپورٽن کي ڏسجي ته پوري ملڪ جي ڪيئي صحافين کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو آهي، ملڪ جي راڄڌاني اسلام آباد کان وٺي سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي تائين ڪيترن ئي قلم ڌڻين کي، بي پهچ ماڻهن جو آواز سگهارو بنائڻ جي ڏوهه ۾ نه رڳو ڌمڪايو ۽ هيسايو ويو بلڪه کين ذهني توڙي جسماني اذيتن ۾ رکيو ويو، ايستائين جو هنن کي گولين جو کاڄ به بڻايو ويو آهي، اهو ڪارڻ اڄ سوڌو معلوم نٿو ڪيو وڃي، پر ظاهري طور هر ماڻهو چڱي ريت سمجهي ٿو ته صحافي کي اصل سزا قلم ۽ زبان استعمال ڪرڻ جي ڪري ڏني ويندي آهي، جن ٽارگيٽ ۾ نه رڳو ڪرائي جا قاتل ملوث هجن ٿا پر اصل انهن واقعن پٺيان اُهي ماڻهو ملوث هوندا آهن، جن کي انهن بي سهارا ۽ بي پهچ ماڻهن پاران ڏياري ويندڙ خبر هضم ڪونه ٿئي ٿي. نتيجي ۾ اُهي ڪرائي جا قاتل تيار ڪرائي پنهنجو پاڻ کي لڪائي قلمي پورهيو ڪندڙن کي ائين نشانو بڻائين ٿا جيئن صالح پٽ جي اجئه ڪمار کي ابدي ننڊ سمهاريو ويو!هڪڙي ڳالهه جي وضاحت ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان، ڀل اُها ڪنهن کان هضم نه به ٿئي ته حق ۽ سچ جو اصل دشمن اهو هوندو آهي جيڪو ناحق ۽ ناانصافي جي راهه تي هجي ٿو ۽ ڪنهن به واقعي پٺيان لڪل راز هجي ٿو، پنهنجي معاشري ۾ هڪ ٻئي کي مارڻ، وڙهڻ جهيڙڻ روز جو معمول آهي ۽ انهن واقعن جا ڪارڻ به صاف چٽا ۽ پڌرا پيا آهن، اسان جو معاشرو ان حد تائين پهتل آهي جو پاڻ ته هڪ ڪلو نارنگين ۽ درجن ڪيلن توڙي پنج سموسن جي پٺيان پنهنجا مٿا به ڦاڙي ٿا ڇڏيون، هتي ته ڪنهن ٽن سالن جي نياڻي کي جسماني حوس جو شڪار بنائڻ ۾ به دير ڪونه ٿي ڪئي وڃي، پاڻ کي ظاهر طور نيڪ ته ڏيکاريو ۽ سڏرايو وڃي ٿو پر ان وقت پنهنجو حياءُ ۽ شرم خبر ناهي ڪٿي مري ٿو وڃي جڏهن انهن معصوم شاگردن کي ديني درسگاهن اندر زيادتي جو نشانو بڻائي گهٽا ڏئي ماريو ٿو وڃي، وري واقعي کانپوءِ حياءُ جا ليڪا لتاڙي اهو چئون ٿا ته ها غلطي ٿي چڪي آهي! اڄ اسين انهي ٽريڪ تي بيٺل آهيون جتي نه اولاد کي ماءُ ۽ پيءَ جو قدر آهي ۽ نه وري بي رحم والدين کي پنهنجن ٻچن جي زندگي جو ڪو قياس آهي، يقينن هرطرف قيامت جو نشانيون ئي ظاهر آهن، اسان وٽ هن مهذب معاشري جنهن کي هٿ وٺي غير مهذب بنايو ويو آهي، ان اندر ڇا ڇا ٿو وهي واپري، ان بابت پاڻ جيڪڏهن ٿورڙي گهرائي ۾ وينداسون ته انسان جي زندگي جيترو وقت لڳي ويندو پر انهن غيراخلاقي ۽ ڪڌين عملن پٺيان ٿيندڙ سمورن واقعن تائين پاڻ رَسي ئي ڪونه ٿا سگهون.مٿي ذڪر ڪيل ٻين سماجي اشوز سميت وڏي عرصي کان پوري ملڪ جيان سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ قلمي پورهيو ڪندڙ صحافي دوست نه رڳو وڏي عتاب هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن پر مسلسل موت جي به منهن چڙهي رهيا آهن، آئون جيڪڏهن ٿورڙو ماضي ۾ ويندس ته مون کي منهنجو ساٿي دوست شاهد سومرو يا امير بخش بروهي اکين اڳيان تري ٿا اچن، جيڪي اهو سوال ٿا ڪن ته ٻڌايو ته کين ڪهڙي ڏوهه ۾ پنهنجن ٻچن کان الڳ ڪيو ويو ۽ اوهان اسان جي ڪيس ۾ ڪهڙي اڳڀرائي ڪئي؟ يقينن انهن سوالن جو جواب سواءِ ڪنڌ شرم کان کانسواءِ ٻيو نٿو ملي.مون گذريل ڪالم ۾ به اهو واضح لکيو هو ته اسان وٽ ڏوهه ڪرڻ گناهه ناهي رهيو پر غريب ۽ بي پهچ هجڻ گناهه آهي، يقينن آئون جيڪڏهن شهيد شاهد سومرو يا امير بخش بروهي جي خانداني پس منظر تي ويندس ته مون کي انهن ۾ غريب ۽ شريف هجڻ وارو ئي تاثر ملي ٿو، ڇو ته ڏاڍي کي ڏهه مٿا هوندا آهن، نوشهروفيروز ضلعي جي مختلف شهرن ۾ پيش ايندڙ واقعن ۾ شير محمد راڄپر جو قتل هجي يا محرابپور جو بهادر صحافي دوست عزيز ميمڻ جو دردناڪ واقعو هجي، سي به ڪنهن کان لڪل ناهن، عزيز ميمڻ جا وارث توڙي جو سڄي سنڌ جا صحافي اڄ سوڌو اصل ۽ مک قاتل گرفتار ڪرائڻ لاءِ ۽ شهيد جي خون سان انصاف لاءِ ٻاڏائي رهيا آهن، ساڳي ريت ذوالفقار مندراڻي جو واقعو به حق ۽ سچ جي لاٽ روشن ڪرڻ جي هڪ ڪڙي آهي. مون شروعاتي سٽن ۾ لکيو ته سڄي سنڌ جا صحافي اڄ جنهن عذاب کي ڀوڳي رهيا آهن، تنهن جو مثال ملڻ ئي مشڪل آهي. اڄڪالهه روزانو پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ يا سوشل ميڊيا اندر انهن فرض شناس صحافين خلاف طرح طرح جا چئليجز سامهون درپيش آهن، ڪراچي کان وٺي پوري سنڌ جي ننڍن توڙي وڏن شهرن ۾ مختلف اخبارن، ٽي وي چئنلن تي ڪم ڪندڙ صحافين خلاف مختلف سازشن تحت سندن آواز کي دٻائڻ لاءِ ڪڌا عمل ڪيا پيا وڃن، جنهن خلاف هڪ ڀيرو ٻيهر قلم ڌڻي انهن چئلنجن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ سراپا احتجاج آهن، گهوٽڪي ضلعي جي عادلپور شهر مان خبر شايع ٿي آهي ته مقامي صحافي پاران بجلي چورن جون خبرون توڙي ملندڙ رشوت کي وائکو ڪرڻ جي خبرن کانپوءِ اتان جو لائين مين (سيپڪو) انهي قلم ڌڻي کي حراس ڪرڻ لاءِ هن جي گهر وڃي پهتو ۽ موتمار ڌمڪيون ڏنيون، هي آهي سڄي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان قلم ڌڻين سان پيش ايندڙ ڪڌن عملن جي صورتحال، جنهن ڪري يقينن اڄ سڄي سنڌ جي صحافين توڙي علمي ۽ ادبي حلقي اندر هڪ بيچيني واري ڪيفيت موجود آهي ته آخر انهي قلمي پورهيو ڪندڙن خلاف اهڙي ناڪام سازش پٺيان ڪهڙا راز آهن جو هر آئي ڏينهن ڪٿان نه ڪٿان صحافين جي اذيتن جون خبرون شايع ٿين ٿيون. حالانڪه حڪومت طرفان بار بار صحافين جي تحفظ بابت خاطريون ڪرايون وينديون آهن پر تنهن باوجود به اڄ سنڌ جا صحافي عتاب وارين گهڙين کي گهاري پنهنجو ذميواريون نڀائي رهيا آهن. اسان وٽ سڄي سنڌ ۾ صرف سنڌي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ئي هلي ٿي، جنهن ۾ هندو صحافي به وڏي اڪثريت سان پنهنجا فرائض نڀائين ٿا، انهن فرض نڀائيندڙن ۾ هڪ محنت ڪش ۽ ايماندار صحافي دليپ ڪمار ٺاڪر ۽ لعل بهادر بجاج به صحافتي برادري سان سلهاڙيل هجڻ ڪري نه رڳو فرض نڀائين ٿا پر گڏوگڏ بااثرن جو مسلسل نشانو ٿيندا رهيا آهن، ايتري تائين جو ڪنڌڪوٽ جي بيباڪ صحافي دليپ ڪمار ٺاڪر کي هڪ وڏي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي ڪجهه وقت پهريان يرغمال بنايو ويو هو پر انهي بهادر صحافي پنهنجا عزم مضبوط رکيا يعني جتي ٻين صحافين کي حق ۽ سچ لکندي ٽارچر ڪيو ٿو وڃي اُتي انهن اقليتي برادري سان وابسته هندو صحافين کي به ڪونه ٿو بخشيو وڃي. تنهن کانسواءِ سکر ضلعي جي صالح پٽ ۾ پيش آيل اجئه ڪمار جي واقعي تي جيترو به افسوس ڪجي سو گهٽ آهي ۽ گڏوگڏ اُتان جي انتظاميه پاران اڄ سوڌو سندن قتل ۾ ملوث جوابدار هٿ نه ڪرڻ به انتهائي بي حسي جي ڳالهه آهي، پوليس ڪيترا به بهانا ڇو نه ڪري، پر حد جي ذميوار پوليس آفيسر کي واقعي واري رات ئي خبر پئجي وئي هوندي ته واقعي ۾ ڪهڙا ڪڌا هٿ ملوث آهن، اڄ جيڪڏهن صالح پٽ علائقي جي ڪنهن بااثر سان اهڙو واقعو پيش اچي ها ته پوليس ملوث جوابدارن کي يا ته آسمان مان کڻي اچي ها يا وري زمين کي کوٽي به قاتل کي پڌرو ڪري ها، پر هتي هڪ ته صحافي ٻيو وري هندو، ان کان علاوه انهن علائقن ۾ جتي نه رڳو ڀوتارڪو سسٽم قابض آهي پر گڏوگڏ سرمائيداري، زمينداري، مير شاهي توڙي جو پير شاهي به هتي پنهنجو وڏو اثر و رسوخ رکي ٿي ۽ انهن اڳيان هي صدين کان ويٺل هندو ڀائر ڄڻ ته ڪنهن ليکي ۾ ئي نٿا اچن، حالانڪه ورهين کان اِهي هندو ڀائر جيڪي مختلف ڪاروباري سرگرمين ڪري پنهنجا ٻچا پالين ٿا ۽ گڏوگڏ انهن بااثرن جيڪي انهن سفيد پوشاڪن کي ٽارچر جو نشانو بنائين ٿا، وقت جي تقاضا سان هو ڪنهن جي به مدد ڪرڻ ۾ ڪسر ڪونه ٿا ڇڏين پر خبر ناهي ته انهن هندو صحافي ڀائرن سان آخر ائين ڇو ٿي رهيو آهي. بهرحال، صحافي اجئه ڪمار جي واقعي کانپوءِ جتي سڄي سنڌ جا صحافي پنهنجي ساٿي جي قتل کانپوءِ سراپا احتجاج آهن، گڏوگڏ سنڌ اسيمبلي ۾ به روايتي آواز ٻُڌو ويو آهي، وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اجئه ڪمار جا قاتل هٿ ڪرڻ لاءِ هو پاڻ معاملي جي نگراني ڪري رهيو آهي، واقعي ۾ ڪافي شاهديون مليون آهن، جوبدارن جي گرفتاري ڏانهن وڃي رهيا آهيون، شال خدا ڪري وزيراعليٰ صاحب خود اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ کانپوءِ ان جو عملي مظاهرو به ڪندو هجي ۽ اسٽيڊ وٺي اجئه ڪمار جي قتل ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪا اثرائتي ڪارروائي ڪرائي ته جيئن پوري سنڌ ۾ ڇانيل صحافين ۾ بي چيني ختم ٿي سگهي. بحيثيت هڪ وڪيل ۽ قانوندان جي آئون سمجهان ٿو ته صحافين جي قتل، مٿن تشدد سميت ٻيا واقعا قانون جي بالادستي جو سوال اٿارين ٿا، جيڪو هڪ سنگين مسئلو آهي، ظاهر ڳالهه آهي ته جيڪڏهن قانون جي بالادستي هجي ته اهڙا واقعا پيش ئي نه اچن پر هتي جهڙي طريقي سان صحافين کي قتل ڪيو پيو وڃي، ان مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته ڄڻ انهن ماڻهن کي قانون جو ڪو به خوف نه آهي، پوليس جي ڪردار جي به سڀني کي خبر آهي، ٻيو ته اسان وٽ اڳ ئي صحافين جي قتل سماج تي انتهائي هاڃيڪار اثر ڇڏيا آهن، جڏهن هن سماج ۾ صحافي غير محفوظ هوندا ته پوءِ آخر سچ ڪير لکندو؟ ڪير هن بدبوءِ دار سماج، لاقانونيت، ڪرپشن، اقرباپروري، ناانصافي، ظلم، ڏاڍ ۽ جبر کي وائکو ڪندو؟ ان لاءِ ضروي آهي ته رياست پنهنجو فرض ايمانداري سان نڀائي، قانون ۽ انصاف جي بالادستي قائم ڪري قتل ٿيل صحافين جي جوابدارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، پوءِ ڀلي کڻي اهي ڪيڏا به بااثر ڇونه هجن، انهن کي قانون جي گرفت ۾ آڻي صحافين جي قتل جي اصل سببن کي ظاهر ڪيو وڃي ۽ صحافين جي تحفظ لاءِ حڪومت کي جوڳا قدم کڻڻ گهرجن.










