خرم خليل نيني تال والا
ڪنهن به مهذب معاشري ۾ بهترين زندگي گذارڻ جا ڪجهه بنيادي اصول ۽ ضابطا ضرور هوندا آهن، جن جي هجڻ سان زندگي آساني سان گذاري سگهبي آهي، پراها زندگي جي آساني به ڪهڙي ڪم جي جيڪا صرف پنهنجي ذات لاءِ آساني سان گذاري وڃي؟ اسان جي معاشري گهر گهٽي ۽ پاڙي ۾ تقرين ائين کڻي چئجي ته سموري سماج ۾ ڪافي ماڻهو پنهنجي آساني لاءِ ٻين کي تڪليف ڏيڻ ۾ ڪسر نه ڇڏيندا آهن. مان سمجهان ٿواهڙي سوچ رکندڙ ماڻهو سموري سماج لاٰءِ ڪنهن ناسورکان گهٽ نه آهن، جيسيتائين انسان پنهنجي شهري ۽ معاشري جي ذميدارين کي قبول نه ڪندو تيسيتائين هڪ پائدار ۽ پر امن معاشري جي تعمير ناممڪن آهي. ڪنهن به پر امن پائيدار معاشري جي جوڙجڪ لاءِ ڪنهن جبل کوٽڻ جي ضرورت نه هوندي آهي پرهر انسان پنهنجي ننڍي ننڍي عمل سان معاشري کي سنواري سگهي ٿو. پاڻ سڀ ڇڏي ڪري صرف هيٺين ڪجهه ڳالهين تي عمل ڪيون ته اسان جو معاشرو ۽ شهري زندگي مثالي ثابت ٿي سگهي ٿي، مان عام طور تي ڏسندو آهيون ته اسان جي وڏن شهرن جون اڪثر فٽ پاٿون تي قبضي خورن جي رحم ڪرم تي آهن جڏهن ته ڪنهن به مهذب معاشري ۾ فٽ پاٿ تي ويهي ڪاروبار ڪرڻ جي اجازت نه ٿي هجي. ڇو ته فوٽ پاٿ تي پنڌ گهمندڙ ماڻهن جو حق هجي ٿو جنهن جي ڪري ان تي قبضو ڪري اتي ڪاروبار ڪرڻ معاشري سان بغاوت آهي پنڌ هلندڙماڻهن جي حق تي ڌاڙو آهي، اهڙي عمل کي روڪڻ لاءِ معاشري ۾ ڪارائتي ڪرداراداڪندڙماڻهن کي اڳتي اچڻ جي گهڻي ضرورت آهي ته جيئن ان غير قانوني غير انساني عمل کي روڪي سگهجي، ان جو پوري دنيا ۾ مهذب طريقو اهو اها ته پهرين ان قابض ماڻهو کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ۽ ان کي اهو باور ڪرائڻ جي پوري ڪوشش ڪئي وڃي ته کيس جي عمل سان ماڻهن لاءِ مسئلا پيدا ٿين ٿا جيڪڏهن ڪاروبار ڪرڻو آهي ته ان لاءِ فٽ پاٿ نه پر دڪان هجڻ ضروري آهي، جيڪڏهن قابض شخص ان صلاح تي عمل نه ڪري ته ان جو سامان اتان کڻي روڊ تي رکجي ته جيئن ٽريفڪ بلاڪ ٿي وڃي ۽ حڪومتي مشينري ان قابض شخص جي خلاف حرڪت ۾ اچي قانوني ڪاروائي ڪري. مثال طور تي جيڪڏهن توهان ڪراچي شهر جي مک ڪاروباري مرڪز صدر يا ان جي آس پاس ٻين علائقن ۾ ويندا ته اتي توهان کي وڏي پيماني تي قابض مافيا نطر ايندي جن خلاف هر روز اخبارن وغير تي خبرون پڻ شايع ٿينديون رهن ٿيون ته اڄ فلاڻي علائقي ۾ قابض مافيا خلاف آپريشن ٿيو ته اڄ وري فلاڻي هنڌ پر اها خبر نه آهي ته اها مفيا ايتري مضبوط ڪيئن آهي جو ايترا سارا آپريشنس ٿيڻ کان پوءِ به ان مان اجپو حاصل ڪرڻ سواليه نشان بڻيل آهي. ٻئي ڳالهه اها آهي ته اسان جا وڏا شهرغير قانوني طور تي ٿيندڙ اڏاوتن ۽ بلڊر مافيا لاءِ جنت بڻيل آهن جن سمورن وڏن شهرن کي ڪنڪريٽ جي ڍير۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب شهري زندگي ٻوسٽ جو شڪار ٿئي وئي آهي، بلڊر مافيا جي اهڙي ڪڌي عمل کي روڪڻ انتهائي ضروري آهي ۽ ان کان سواءِ انهيءَ ٻوسٽ واري ماحول مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ هر ماڻهو کي گهٽ ۾ گهٽ هڪ وڻ ضرور پوکڻ کپي نه رڳو وڻ پوکي پر ان جي حفاظت به ضرور ڪري ڇو ته عام طور تي اسان جو ڌيان صرف وڻ پوکڻ تي هجي ٿو پر ان جي حفاظت واري ذميداري کان اڪثر ماڻهو آري ٿي ويندا آهن ۽ پوءِ ان وڻ جي پوکڻ وارو مقصد فوت ٿي ويندو آهي ان لاءِ مقصد کي فوتگي کان بچائڻ لاءِ ضروري آهي ته پوکيل وڻ جي پوري توجه سان حفاظت کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن آلودگي ۽ ساهه ٻوساٽجڻ واري عمل کي روڪي سگهجي ۽ ماحول خوشگوار بڻائي سگهجي. پنهنجي شهر پنهنجي گهر ۽ گهٽين جي صفائي لاءِ سڄو سارو بار حڪومت تي رکڻ بدران ڪجهه ڪردار پاڻ کي به ادا ڪرڻ گهرجي علاقائي سطح تي ڪاميٽيون جوڙي ماڻهن کي اگاهي ڏني وڃي ته پنهنجي گهر جو ڪچرو ڪنهن ٿيلهي وغيره ۾ وجهي هڪ جاءِ تي گڏ ڪيو وڃي ته جيئن حڪومتي اهلڪار ان ڪچري کي آساني سان کڻي وڃن ۽ صفائي جو عمل بهتر کان بهترين ٿي وڃي. پنهنجي پاڙي سرين سان ميل ميلاپ هجڻ ضروري آهي ته جيئن هڪ ٻئي کي پيش ايندڙ مسئلن کي حل ڪري سگهجي ۽ ڏکي وقت هڪ ٻئي جي مدد ڪري سگهجي ان ڳالهه جي هدايت مذهبي طور تي پڻ ٿيل آهي ان ڳالهه تي ايمانداري سان عمل ڪرڻ تمام ضري آهي. اسان جي انساني معاشري ۾ جانورن جي پڻ اهميت آهي ۽ انهن جو خيال رکڻ جي ذميواري تقريبن انسانن تي عائد ٿئي ٿي جيئن گرم موسم ۾ پکي پکڻ جي پيئڻ لاءِ پاڻي يا داڻو وغيره جو انتظام ڪجي ته جيئن معاشري جي فطري خوبصورتي بحال رهي سگهي. پنهنجي پنهنجي شهر ۾ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجي پنهنجي علائقي تي نظر رکڻ کپي خاص طور تي هر نئين اچڻ وڃڻ واري شخص تي نظر رکڻ ضروري آهي ته جيئن ڪو اڻڄاتل ماڻهو ڪو نقصان نه پهچائي سگهجي ان ڏس ۾ ڪا به شڪي حرڪت نظر اچي ته فوري طورتي قانون نافظ ڪندڙ ادارن کي آگاهي فراهم ڪجي جيئن ڪنهن اڻ وڻندڙ واقعي کان محفوظ رهي سگهجي. ان کان سواءِ هڪ ٻئي سان نسلي تعصب کان پرهيز ڪئي وڃي ته جيئن هڪ عمده معاشرو قائم ڪري سگهجي جيڪڏهن هر ماڻهو مٿي ڄاڻايل ڳالهن تي عمل ڪري ته مان سمجهان ٿو هڪ پر امن ۽ مثالي معاشري جي وڏي آساني سان جوڙ جڪ ممڪن بڻائي سگهجي ٿي هر شهري پنهنجي پنهنجي ذميواري ايمانداري سان ادا ڪري ته اسان جو معاشري به جنت وانگر ٿي سگهي ٿو.










