ڪراچي(ويب ڊيسڪ) جسماني طور متحرڪ رهندڙ، واڪ ۽ ايڪسرسائيز ڪندڙ ماڻهن ۾ شگر ٽائپ ٽو گهٽ ٿئي ٿو. جن شهرن ۾ فضائي آلودگي آهي انهن شهرن ۾ رهندڙ ماڻهن ۾ هن قسم جي ذيابيطس جا 94 سيڪڙو امڪان وڌي وڃن ٿا. فضائي آلودگي ۾ ذيابيطس جي وڌڻ بابت هي دنيا جي پهرين تحقيق آهي جيڪا هانگ ڪانگ ۽ هالينڊ جي محققن ڪئي آهي. هن تحقيق دوران تائيوان ۾ طبي معائنو ڪرائيندڙ هڪ لک 56 هزار ماڻهن جي ديٽا جو جائزو ورتو ويو ته خبر پئي ته جيڪي ماڻهو جسماني طور سرگرم آهن انهن ۾ 31 سيڪڙو ۽ سست زندگي گذاريندڙن ۾ 56 سيڪڙو امڪان آهي ته شگر ٽائپ ٽو ٿئي ٿو. فضائي آلودگي وارن شهرن ۾ جسماني طور سرگرم رهندڙن ۾ هي مرض ٿيڻ جو امڪان 64 سيڪڙو آهي ۽ سست زندگي وارن ۾ اها شرح 94 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.










