شيخ رشيد دل جو مريض آهي، دوائون نٿيون ڏنيون وڃن، راشد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد جي ڀائٽي شيخ راشد شفيق چيو آهي ته جسماني رمانڊ کانپوءِ شيخ رشيد کي ملاقات جي اجازت ناهي ڏني پئي وڃي.وڊيو بيان ۾ شيخ راشد شفيق چيو ته 73 ورهين جو شيخ رشيد دل جو مريض آهي ۽ ڪورونا جو به متاثر ٿيو آهي.هن چيو ته شيخ رشيد کي دوائون، کاڌو ۽ ڪپڙا نه ڏنا پيا وڃن.شيخ رشيد شفيق چيو ته ڪالهه کان جسماني رمانڊ تي خاندان کي خبر ناهي ته شيخ رشيد ڪٿي آهي.هن چيو ته مري ۾ شيخ رشيد خلاف ٻي ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي. شيخ راشد شفيق چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اسان کي 6 وڳي تائين رليف ڏنو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو