شهزادي فلپ جي تدفين 17 اپريل تي ڪئي ويندي،شاهي محل

شهزادي فلپ جي تدفين 17 اپريل تي ڪئي ويندي،شاهي محل

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانوي شاهي محل پاران برطانوي ملڪه جي مڙس پرنس فلپ جي آخري رسمن ۽ تدفين جا تفصيل جاري ڪندي چيو آهي ته سندس تدفين 17 اپريل تي ٿيندي. شاهي محل پاران جاري ڪيل تفصيلن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪورونا وبا سبب شاهي محل جي ڪنهن فرد جي آخري رسمن کي محدود ڪيو ويو آهي ۽ عوام کان به گذارش آهي ته اهي پابندين تي عمل ڪن. بيان ۾ واضع ڪيو ويو آهي ته پرنس فلپ جي آخري رسمن ۽ تدفين ۾ شاهي خاندان جا انتهائي ويجها ماڻهو شريڪ ٿيندا، جڏهن ته تقريبن ۾ شاهي محل جا اعليٰ عهديدار به موجود هوندا.

پهنجو تبصرو موڪليو