نوشھرو فيروز( ن س)نوشھرو فيروز شھر مان گندگي ۽برسات جو پاڻي شھر مان نه ڪڊڻ خلاف تاجر برادري دڪاندار ايسوسيئشن سول سوسائٽي ۔شھري اتحاد ۔وڪلا اتحاد صحافي اتحاد اڳواڻن ۔سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر سينئر وڪيل عبدالستار لھراڻي جمشيد ميمڻ ۔اڪرم پيرزاده ۔يونس راڄپر اڳواڻ شھري ايڪشن ڪاميٽي خالد سيف الله عباسي۔ عبدالقدير ميمڻ سرفراز ميمڻ عدنان خليفو ۽ ٻين پاران رياض ڪالوني کان ريلي ڪڊي جيڪا سموري شھر جو گشت ڪيو۽ چونڊيل نمائندن خلاف سخت نعريبازي ڪرڻ کان پوء ڊي سي آفيس جي مين گيٽ تي ڌرڻو ڊي سي خلاف سخت نعريبازي ڪندي ڊپٽي ڪمشنر ۔پبلڪ ھيلٿ ۽ ميونپسل ڪاميٽي خلاف ڳالھائيندي چيو ته جيسيتائين ھي ڪرپٽ ڪامورا نه چائيندا تيسيتائين شھر مان گندگي جو آزار نه کٽندو ڇو ته ڀ ملازم ويزا تي آھن ھي حرام خور رڳو حرام پيا کائين ھي آفيسر نه آھن ھي ڪمدار آھن ھي ڪمداري پياڪن ڀوٿتارن جي ھي اسان جي ٽيڪس مان پگھار کڻن ٿا ھي عوام جا خادم آھن پر ھنن کي عوام جي پرواه نه آھي ھنن جو بس دين ڌرم پيسو آ فورن ھنن کي ھٽائيو وڃي ۽ آچر تائين صفائي نه ڪرائي وئي ته پوء سومر تي اسان به توھان جي در تي سموري شھر جو گند کڻي اڇلائينداسين ۽ اسان 24 ڪلاڪن لاء توھان جي گيٽ تي ڌرڻو ھڻنداسين ۽ اھو ڪچرو توھان کي به کڻڻ نه ڏينداسين قبلو درست ڪيو ويزا سسٽم ختم ڪيو ان موقعي تي عبداستار لھراڻي چيو ته اڳ ۾ اسان ايس ايس پي خلاف احتجاج ڪيو ته ھي ڀوتارن جو ڪمدار ايس پي نه کپي ٿيو ائين ته وري سردار ملي ويو اسان اسان جي شھر جي بد قسمت جو اسان جي مقدر ۾ ڪمدار ۽ سردار لکيل آھن يونس راڄپر اڪرم پيرزاده خالد سيفالله عدنان خليفو ۽ ٻين چيو ته سوم تي ڌماڌم مست قلندر ٿيندي ۽ صفائي نه ٿيڻ تي ڊي سي آفيس جي گيٽ اڳيان ڌرڻو لڳندو صفائي ٿيڻ تائين جاري رھندواسان به سمورو گند ٽرياليون ڀري ڊي سي آفيس جي گيٽ تي رکي انوکو احتجاج رڪارڊ ڪرائينداسين ۔










