ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) ميئر ڪراچي بئرسٽر مرتضیٰ وهاب سان پاڪستان انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ (PIDCL) جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر وسيم حيات باجوه جي سربراهي ۾ هڪ اعليٰ سطحي وفد بلديه عظميٰ ڪراچي جي هيڊ آفيس ۾ اهم ملاقات ڪئي۔ وفد ۾ وفاقي حڪومت جي صوبو سنڌ لاءِ ترجمان راجا خليق زمان ۽ چيف انجنيئر شفيع چاچر پڻ شامل هئا۔ان موقعي تي ميونسپل ڪمشنر ايس. ايم. افضل زيدي، فنانشل ايڊوائزر ڪي ايم سي گلزار ابڙو ۽ ڊائريڪٽر ميڊيا ڪي ايم سي دانيال سيال پڻ اجلاس ۾ موجود هئا۔وفد ميئر ڪراچي بئرسٽر مرتضیٰ وهاب کي يقين ڏياريو ته بلديه عظميٰ ڪراچي کي درپيش سڀني فني مسئلن، تخنيقي رڪاوٽن ۽ انفراسٽرڪچر سان لاڳاپيل شڪايتن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو ويندو ۽ هن سلسلي ۾ هر ممڪن سهڪار فراهم ڪيو ويندو۔ وفد هن عزم جو پڻ اظهار ڪيو ته پاڪستان انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ ڪراچي لاءِ پائيدار، بين الاقوامي معيار موجب ۽ ڊگهي مدي وارا ترقياتي حل مهيا ڪرڻ چاهي ٿي، جيئن شهرين کي بهتر سهولتون ملي سگهن ۽ ترقياتي منصوبن جا فائدا سڌو سنئون هيٺين سطح تائين پهچي سگهن۔ميئر ڪراچي بئرسٽر مرتضیٰ وهاب وفد جي يقين دهاني کي ساراهيندي چيو ته ڪراچي پاڪستان جو معاشي دل آهي، تنهن ڪري هن شهر جي مسئلن جو حل قومي ترجيحن ۾ شامل ٿيڻ گهرجي۔ هن چيو ته شهر جي ترقي، ٽريفڪ جي دٻاءَ ۾ گهٽتائي، انفراسٽرڪچر جي بهتري ۽ شهرين جي زندگيءَ جي معيار ۾ واڌ لاءِ ڪي ايم سي مڪمل سهڪار فراهم ڪندي ۽ اهو هر قدم کنيو ويندو جنهن سان ڪراچي جي بهتري کي هٿي ملي۔ميئر وڌيڪ چيو ته شهر جي خدمت اسان جو پهريون فرض آهي ۽ وفاقي ۽ صوبي جي ادارن جي گڏيل سهڪار سان ترقياتي منصوبن جي رفتار وڌيڪ وڌندي۔ هن اميد ظاهر ڪئي ته PIDCL جي تعاون سان جاري ۽ نوان ترقياتي منصوبا جلد مڪمل ٿيندا، جنهن سان شهر جي انفراسٽرڪچر ۾ نمايان سڌارو ايندو۔










