شهدادپور:(رپورٽر ) شھدادپور ۾ 12 سالا طالب علم سان مسجد جي مولوي پاران مبينہ ذيادتي.مولوي گرفتار.ماء جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو،شھدادپور شھر جي نصيب نگر پاڙي۾ 12 سالا طالب علم حسنين ڪوري سان پاڙي جي مسجد جي مولوي پاران مسجد جي اسٽور روم ۾ مبينہ زيادتي ڪرڻ جو نشانو بنايو شھدادپور پوليس متاثر طالب علم جي ماء مسمات حرمت جي فرياد تي قلم 365 تحت مولوي خالد مغيري خلاف اھڙو ڪيس داخل ڪري مولوي کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آھي طالب علم حسنين ڪوري جي فريادي ماء ڪيس ۾ ڄاڻايو آھي پاڙي جي مسجد جي مولوي خالد مغيري منھنجي پٽ حسنين ڪوري کي مسجد جي اسٽور ۾ سامان رکڻ بھاني وٺي زيادتي ڪري ناانصافي ڪئي آھي جڏھن تہ مولوي خالد مغيري جو چوڻ آھي تہ مون مٿان زور زبردستي زيادتي ڪرڻ جا الزام ڪوڙا ۽ غلط آھن جانچ ڪري انصاف ڏنو وڃي










