شهباز شريف سان 11 رڪني چيني ڪاروباري وفد جي ملاقات

شهباز شريف سان 11 رڪني چيني ڪاروباري وفد جي ملاقات

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف سان 11 رڪني چيني ڪاروباري وفد ملاقات ڪئي، جنهن جي اڳواڻي آءِ بي آءِ بيجنگ يونائيٽيڊ ٽيڪنالاجي جي باني، صدر ۽ ڪنٽرولنگ شيئر هولڊر ڪيوان شياوجن ڪري رهيو هو.ملاقات دوران شهباز شريف پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ وڌندڙ ڪاروباري تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان ۽ چين جا تاريخي لاڳاپا آهن.هن صدر شي جن پنگ جي قيادت ۾ چين جي شاندار ترقي جي تعريف ڪئي.وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هو هن مهيني جي آخر ۾ چين جي دوري جو منتظر آهي.هن آءِ بي آءِ گروپ جي پاڪستان ۾ ڊجيٽل معيشت هيڊ ڪوارٽر قائم ڪرڻ جي فيصلي جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته آءِ بي آءِ ڊجيٽل معيشت تعاون، سيڙپڪاري جي فروغ ۽ صنعتي تعاون کي فروغ ڏيندو.ٻئي طرف، ڪيوان شياوجن چيو ته آءِ بي آءِ پاڪستان جي معيشت ۾ ڊجيٽل سڌارن جي حمايت ڪرڻ جو خواهشمند آهي، ۽ پاڪستان ۾ آءِ بي آءِ جي ڊجيٽل معيشت هيڊ ڪوارٽر جو قيام ان حوالي سان تمام گهڻو مثبت ثابت ٿيندو.هن اهو به چيو ته آءِ بي آءِ ڊجيٽل معيشت هيڊ ڪوارٽر جو قيام چيني مارڪيٽ تائين رسائي فراهم ڪندي پاڪستاني ننڍن ۽ وچولي درجي جي ادارن کي ڪيترائي موقعا فراهم ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو