ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ اينڊ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ جيڪو حيدرآباد رين ايمرجنسي نگران مقرر ڪيو ويو آهي چيو آهي ته تازين برساتن جي ڪري پوري سنڌ ۾ ڪافي نقصان ٿيو آهي. حيدرآباد ضلعي ۾ ٽن ڏينهن ۾ 250 ملي ميٽر کان وڌيڪ برسات پئي آهي. تنهن هوندي به فوڪل پرسن رين ايمرجنسي صوبائي وزير ڄام خان شورو ۽ ڊپٽي ڪمشنر جي اڳواڻي ۾ برساتي پاڻي جي نيڪالي جو ڪم ڪافي بهتر ٿيو آهي ۽ برساتي پاڻي جي مسلسل نيڪالي ڪئي پئي وڃي . هو اڄ ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد فواد غفار سومرو سان گڏ تعلقي سٽي حيدرآباد ۾ تلسي داس پمپنگ اسٽيشن جي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. هن چيو ته سنڌ ڪابينا جا وزير ، صوبائي وزير، صلاحڪار پنهنجن علائقن ۾ فيلڊ ۾ موجود رهندي برساتن جي صورتحال ۽ پاڻي جي نيڪالي سميت رليف جي ڪمن جي مسلسل نگراني ڪري رهيا آهن. هن چيو ته حيدرآباد جي هيٺياهين ۽ ٻهراڙي وارن علائقن جي صورتحال خراب آهي ۽ اتي پاڻي جي نيڪالي جو ڪم جاري آهي ۽ برساتي پاڻي جي مڪمل نيڪالي تائين ڪم جاري رهندو.هن چيو ته سنڌ ۾ برساتن جي ڪري آبادگارن کي ارب رپين جو نقصان پهتو آهي ۽ اسين پنهنجي عوام سان گڏ آهيون ۽ چاهيون ٿا ته برسات متاثرن کي رليف مهيا ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت به سنڌ حڪومت جو ساٿ ڏئي. هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير هن وقت سڄي سنڌ جي مختلف ضلعن جو دورو ڪري برساتن کانپوءِ جي صورتحال جو جائزو وٺي رهيو آهي ۽ ٿيل نقصانن جو جائزو وٺي انهن جي ازالي لاءِ قدم کنيا ويندا ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي حڪومت ڪڏهن به ان مشڪل گهڙي ۾ عوام کي اڪيلو نه ڇڏيندي. هڪ سوال تي صوبائي وزير اطلاعات چيو ته ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ حيدرآباد جي صورتحال ڪافي بهتر نظر ايندي ان سلسلي ۾ اڄ هڪ گڏجاڻي پڻ منعقد ڪئي پئي وڃي جنهن ۾ صورتحال جو جائزو وٺي ضلعي حيدرآباد جي آفت سٽيل علائقن جو اعلان ڪيو ويندو.ان موقعي تي صوبائي وزيرچيو آهي ته عمران خان نيازي هڪ منافق ۽ ڪوڙو شخص آهي جيڪو ملڪ جي سمورن ادارن کي بليڪ ميل ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيو آهي. نيازي چاهي ٿو ته شهباز گل وانگر سندس مٿان به هٿ نه وڌو وڃي ۽ اهوئي سبب آهي جو هو ادارن تي دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. عمران خان جي ڪاغذات نامزدگي ۾ ڪافي خاميون آهن. عمران خان لاءِ پڻ اهوئي قانوني طريقي ڪار استعمال ڪيو وڃي جيڪو ٻين لاءِ هوندو آهي . صوبائي وزيرچيو ته مڪاني کاتي جي عملدارن جي ڪوتاهي جي حوالي سان هو وڏي وزير کي آگاهه ڪندو. ان کان اڳ صوبائي وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ فتح چوڪ ، محمد چوڪ ، فقير جي پڙ سميت تلڪ چاڙهي ۽ ٻين مختلف علائقن جو تفصيلي دورو ڪيو. صوبائي وزير، ڊپٽي ڪمشنر حيدرآبا جي برساتن دوران برساتي پاڻي جي نيڪالي جي ڪوششن کي سارهايو ۽ لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ٻين علائقن مان به برساتي پاڻي جي نيڪالي کي جلد کي جلد يقيني بڻايو وڃي










