شبلي جي استيعفا سان پارٽي قبضه گيرن کان آزاد ٿيندي، مروت

شبلي جي استيعفا سان پارٽي قبضه گيرن کان آزاد ٿيندي، مروت

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شير افضل مروت پارٽي سيڪريٽري جنرل عمر ايوب جي استعيفيٰ جي آجيان ڪندي شبلي فراز جي استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو آهي.عمر ايوب جي استعيفيٰ جي اعلان کانپوءِ شير افضل مروت هڪ بيان ۾ چيو ته پارٽي ۾ اهم عهدن تي ويٺل ڪجهه ٻين ماڻهن کي به سندس پيروي ڪرڻ گهرجي. شبلي فراز جي استعيفيٰ سان پارٽي مافيا جي چنگل مان آزاد ٿي ويندي.پنهنجي هڪ بيان ۾ شير افضل مروت جو چوڻ هو ته جيڪڏهن شبلي فراز کي هٽايو ويو ته مان واعدو ڪيان ٿو ته پارٽي وقت جي ضرورت موجب اٿندي، جيڪڏهن پارٽي ڪارڪن مون کي ميدان ۾ آڻڻ چاهين ته منهنجي مطالبي جي حق ۾ آواز اٿاري.پارٽي قيادت تي تنقيد ڪندي هن چيو ته پارٽي هڪ به ڪم پورو نه ڪري سگهي، پي ٽي آءِ باني جيل ۾ آهي ۽ مينڊيٽ جي وصولي ته پري جي ڳالهه آهي، اسان جون عورتون ۽ اڳواڻ جيلن ۾ آهن.هن وڌيڪ چيو ته اسان عوام کي وڏي تحريڪ لاءِ متحرڪ ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويا آهيون، اهڙا ڪيترائي واقعا آهن جتي پارٽي قيادت ناڪام وئي آهي، جنهن ۾ بٽ جي نشان ۽ مخصوص سيٽون به شامل آهن.شير افضل مروت چيو ته پارٽي جي ڪور ڪميٽي ۽ سياسي ڪميٽيون من پسند ماڻهن تي مشتمل هونديون آهن، پارٽي جا فيصلا ميرٽ تي نه هوندا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو