ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) هراسان جو شڪار بڻيل نوابشاهه ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي پروين رند انصاف لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ پهچي وئي، متاثر شاگردياڻي انصاف لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي متاثر شاگردياڻي پروين رند موقف اختيار ڪيو ته ڪيس جي جاچ آفيسر کي تبديل ڪيو وڃي، مئجسٽريٽ پاران ايس ايس پي نوابشاهه کي جاچ آفيسر تبديل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، عدالتي حڪم باوجود ڪيس جي جاچ آفيسر کي تبديل نه ڪيو ويو آهي شاگردياڻي جي وڪيل ايڊووڪيٽ صلاح الدين پنهورچيو ته ڪيس جي جاچ آفيسر کي فوري طور بدلي ڪري ايماندار آفيسر مقرر ڪيو وڃي, ايڊووڪيٽ صلاح الدين پنهور چيو ته موجوده جاچ آفيسر ڪيس کي سي ڪلاس ڪري رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي، عدالت آءِ جي سنڌ کي هدايت ڪري ته ڪيس ۾ ايماندار آفيسر مقرر ڪيو وڃي ايڊووڪيٽ صلاح الدين پنهور چيو ته پروين رند واقعو ڪو پهريون واقعو ناهي ان کان اڳ به اهڙا واقعا ٿي چڪا آهن, پروين رند چيو ته 9 فيبروري تي مون سان ڇا ٿيو، اڃا تائين انصاف ناهي ٿيو، جوابدار اڃا تائين پنهنجي عهدن تي قائم آهن، مون کي عدالتن مان انصاف جي اميد آهي هن چيو ته چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جي نوٽيس باوجود ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي صحيح جاچ نه ڪري رهيا آهن، مان چيف جسٽس سان هٿ ٻڌي انصاف جي اپيل ڪريان ٿي پروين رند چيو ته اڄ نه پر سنڌ جي هر نياڻي سان ظلم ٿي رهيو آهي، ڇوڪرين کي پکين ٽنگي خودڪشي جو رنگ ڏنو پيو وڃي، مون سان ۽ متاثر ٿيل نياڻين سان انصاف ڪيو وڃي










