سيد زوار حسين شاه
پاڪستان ۾ به عجيب غريب ماڻهون رهن ٿا ، جيڪي ووٽ ڏين ٿا انهن کي اها خبر ئي ناهي ته هن هڪ ووٽ جي ڪهڙي حيثيت اهميت آهي ، جڏهن ته ڀينگ پور سان تعلق رکندڙ سياستدان خير سان شاهوڪار ٿي ويا ، سنڌ ڌرتي سان تعلق رکندڙ شاهوڪار ماڻهن سياستدانن جي اڊهنگي رويئي غريب ڪري ڇڏيا آهن ، تڏهن ته ڪنهن ادب سان تعلق رکندڙ ڪنهن ڏاهي جي چوڻي آهي ته شاهوڪار طبيعت رکندڙ غريب سياستدان امير ڪيئن ٿيا ، ڪيئن سازس ڪري معيشت تباهه ڪري ويتر عوام کي غريب تر غريب ڪيو ، جنهن تي پشيماني هرگز ناهي ان ڪري جو هر انسان پنهنجي تقدير پاڻ لکندو آهي پر بس مالڪ رب پاڪ جي ان بندي مٿان خاص ٻاجهه هجي جيڪڏهن ٿوري به غفلت ڪئي پوء خوش نصيبي بعد بدنصيبي ۾ تبديل ٿي ويندي ، هن وقت جنهن طرح سان ملڪ اندر جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي شايد ڪڏهن ائين ٿيو هجي ، ملڪ ۾ جهڙي طرح پاڪستان جي سياستدانن عوام جي رت ڇيئڻ م گهٽتائي ناهي آندي . ائين ئي معيشت به تباهه ٿي رهي آهي جنهن جا به زميوار اهي سڀ آهن جن جن به ملڪ کي ٻنهي هٿن سان لٽيو آهي ، پر جيڪڏهن هن وقت جڏهن حڪم نامو اڳيان اچي ته هاڻ توهان پنهنجي نجي گاڏي ۾ ٽن ماڻهن کان وڌيڪ نه ٿا کڻي سگهو ، يا اجايو گهرن کان گهمڻ نه ٿا نڪري سگهو غير ضروري سفر نه ٿا ڪري سگهو ، ته پوء اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ملڪ اندر ڇا ٿي رهيو آهي . اهڙي ملڪ ۾ ڀالا عام مانهن کي رليف ڪيئن ملندو ، جتي اسپتالن اندر درندا وحشي بڻجي وڃن ، عام مريضن کي دوا به نه ملي پر ان مٿان بري نظر وجهي ، ان مريض کي بليڪ ميل ڪن ، حراسان ڪن ، جڏهن ته ملڪ اندر ڪنهن مظلوم کي انصاف نه ملي سگهي ته پوء اندازو لڳائي سگهون ٿا ته هو ڪهڙي عذاب مان گذرندا هوندا ، پوء ڪوئي مونکي ئي سمجهائي ته جيڪڏهن ان ملڪ اندر پنهنجي انا ڪري سياستدان پنهنجن ئي سياستدانن جو رت پيئڻ ڪرپشن جا الزام هنن ته پوء اسان توهان اندازو لڳائي سگهون ٿا ته اسان سان ڇا ٿيندو ، شايد ئي ڪو ماڻهو هُجي، جيڪو پُرامن سماج جي خواهش نه رکندو هُجي! لڳ ڀڳ سڀني ماڻهن جي اِهائي تمنا آهي ته دنيا اسان کي امن پسند، ايماندار ۽ سُٺي شهريءَ طور ياد ڪري. اسان وٽ ميرٽ کي مانُ ملي، ڪرپشن، ڦُرلٽ ۽ هيراڦيريءَ کان اِئين ئي نفرت ڪئي وڃي، جيئن سُڌريل سماجن ۾ ٿيندو اچي پيو. جيتوڻيڪ اِهو سڀ ناممڪن ناهي، جو دنيا ۾ ڪيترائي اهڙا مثال موجود آهن، خاص ڪري پوئتي پيل ۽ ڪيترين ئي علتن ۾ ورتل قومون اڄ پوري دنيا ۾ پنهنجو پاڻ مڃائي چُڪيون آهن، بلڪه ايندڙ وقت اُنهن جي ئي سلامي ڀريندي نظر اچي رهيو آهي. پر پاڻ وٽ اِن قسم جي سوچ کي عملي روپ وٺائڻ لاءِ ڪا سنجيدگيءَ سان ڪوشش نه ٿي رهي آهي. اسين سڀ خرابين کان ڳالهين جي حد تائين نفرت ته ڪريون ٿا، پر دل عمل لاءِ آماده ناهي. رشوت ته ڄڻ سماج جو لازمي جُز بڻجي وئي آهي. نوڪري وٺڻي هُجي، بدليءَ جو مامرو هُجي، ٺيڪو يا ڪو ٻيو سرڪاري ڪم هجي، اُهو تيستائين ٿيندي ڏسڻ ۾ ناهي ايندو، جيستائين فائيلن سان گڏ پئسا ناهن ڏنا ويندا. حڪومتي سطح تي ڪنهن به قسم جي ڪا چڪاس ناهي، پوليس جي هڪ ننڍڙي مُلازم کان وٺي اعليٰ عهدن تي رهندڙ ماڻهن وٽ جيڪا بي انتها دولت گڏ ٿئي ٿي، تنهن بابت کانئن ڪو پُڇڻ وارو ناهي هوندو، نه ئي تپيدارن، مختيارڪار يا ڪنهن ڪاموري تي اک رکي ويندي آهي. جنهن کي جيئن وڻندو آهي، تيئن پيو ڪندو آهي جو مُلڪ جو ڪاروهنوار گهڻي وقت کان اهڙي ئي ريت هلندو اچي پيو. انهيءَ وهنوار کي بدلائڻ جون جن جن دعوائون ڪيون، عوام اُنهن کي اکين تي ويهاريو، سندن هر حرف کي هنيانءَ سان هنڊايو، سندن جلسن ۾ شرڪت ڪئي، اِنهيءَ اُميد سان ته هُو جيڪا ڳالهه ڪري رهيا آهن، تنهن تي عمل به ٿيندو. پر پوءِ جڏهن عام تائين خود اُنهن جي ئي ڪرپشن جون ڪهاڻيون پهتيون ته خلق کي ڪنن جون پاپڙيون ڇُهڻيون پيون ته مار تبديليءَ جي نانءَ تي اهڙي ويساهه گهاتي!؟ عام ماڻهو جڏهن اعليٰ سطح تي ڪرپشن جون ڪهاڻيون ٻُڌي ٿو ته ردعمل ۾ هُو به قانون جي مخالف هلڻ لڳي ٿو. جيتوڻيڪ عام جا ڏوهه بنهه پتڪڙا هوندا آهن، اُهو يا ته ڪُنڊيءَ ذريعي بجلي چوري ڪري ٿو يا وري گئس ۽ پاڻيءَ جا غير قانوني ڪنيڪشن جوڙي وهنوار هلائڻ لڳي ٿو. ڪي ٽريفڪ قانون جي ڀڃڪڙيءَ ۾ فرحت محسوس ڪن ٿا ته ڪي ننڍي وڏي ڳالهه تي روڊ بلاڪ ڪري عام جي آزار جو سبب بڻجن ٿا. ۽ اِهو سڀ انڪري ٿئي ٿو جو مٿين سطح تي عوام کي، قانون ۽ آئين جي پاسداري ٿيندي ڏسڻ ۾ نه ٿي اچي. جيڪڏهن اسان جو حڪمران طبقو سڌو ٿي پوي، اُهو قانون جي پاسداري ڪري ته هوند هيٺين سطح تي پاڻمرادو بهتري اچي وڃي. حقيقت اِها آهي ته جيڪڏهن اقتداري سياست جا حامي چاهين ته گهڻو ڪجهه بدلجي سگهي ٿو، پر اُن لاءِ هُنن کي پنهنجي عياشين جي قرباني ڏيڻي پوندي، پنهنجي وهنوار ۾ سادگي اختيار ڪرڻي پوندي، پروٽوڪول تي ڪروڙين رپين جي ٿيندڙ خرچ کي ختم ڪرڻو پوندو، ۽ جيڪڏهن ڪنهن کي پروٽوڪول جو ايترو ئي لاچار آهي ته اُن کي اِهو سڀ پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪرڻ گهرجي. سرڪاري آفيسن تي ٿيندڙ خرچ، گڏجاڻين يا ميٽنگس ۾ کاڌي پيتي تي ٿيندڙ خرچ کي به گهٽائڻ گهرجي. ڇو ته مُلڪ جو وڏو طبقو ٻن وقتن جي مانيءَ لاءِ پريشان آهي، ڇهه ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن، جيڪڏهن اُنهن جي زندگين ۾ حڪمران ڪو بدلاءُ نٿا آڻي سگهن، ته گهٽ ۾ گهٽ اُنهن سان يڪجهتيءَ طور پنهنجا خرچ ته گهٽائي سگهن ٿا. حڪمران اِهو ته ڄاڻندا ئي هوندا ته غربت بُرائين جي ماءُ هوندي آهي. اُها جڏهن سماجن ۾ وڌڻ لڳندي آهي ته اُتي عدم تحفظ جو احساس وڌي ويندو آهي، ماڻهو پنهنجي پيٽ گُذر لاءِ هر اُهو عمل ڪرڻ کان ناهن ڪيٻائيندا، جيڪو قانون جي نظر ۾ ڏوهه هوندو آهي، نتيجي ۾ بدامني، چوري چڪاري، ڌاڙا ڦُرون، اغواڪاري ۽ قتل و غارت جو اهڙو سلسلو هلي پوندو آهي، جنهن کي روڪڻ لاءِ وري ڪنهن ڊگهي مُدي جي آپريشن جي ضرورت پوندي آهي، جنهن لاءِ نه رُڳو وڏي رقم خرچ ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي پر سيڪيورٽي ادارن جي اهلڪارن کي جانين جو نذرانو پڻ ڏيڻو پئجي ويندو آهي. ٻيو ته غربت ڪنهن به رياست لاءِ اُڏوهيءَ وارو ڪم ڪندي آهي، جيڪا اندران ئي اندران سماج کي کوکلو ڪري ڇڏيندي آهي ۽ پوءِ ڪنهن وڏي حادثي جي صورت ۾ انتشار ايتري تيزيءَ سان پکڙجڻ لڳندو آهي جو اُن تي ڪنٽرول ڪرڻ ڪنهن جي وس ۾ ناهي رهندو. ارمان ته اِن ڳالهه جو آهي ته اسان جي حڪمرانن کي اِن ڳالهه جو ڪڏهن احساس ئي ناهي رهيو، جنهن ڪري رياست ڏينهون ڏينهن تنزليءَ طرف وڌي رهي آهي. جيڪڏهن اسين پنهنجي رياست ۽ عوام جو سُک ۽ سلامتي چاهيون ٿا ته پوءِ اسان کي پنهنجي روش ۾ تبديلي آڻڻي پوندي، پنهنجن شاهي خرچن کي گهٽائي عوام جي مسئلن تي ڌيان ڏيڻو پوندو، تڏهن ئي اسين ڪنهن قابلِ قدر زندگيءَ جي لائق بڻجي سگهنداسين ، مان عرض ڪندس ته سنڌ جنهن ڪافي عرصي کان وٺي وڏيون تڪليفون طعنا برداشت ڪيا آهن ، پر سچ اهو آهي ته جمهوريت جو راڳ ڳائيندڙن به ڏکئي وقت ۾ عوام جي مٿان رحم نه کاڌو ۽ هن وقت به صورت حال انتهائي خراب نظر اچي رهي آهي ، عوام بک بدحالي سبب بک مري رهيو آهي ، پر ڪنهن کي ڪو قياس ئي نه ٿو اچي ، الله اڪبر ڇا لکي ڇا لکان ، هن پياري پاڪستا ۾ ڪو ڪنهن جي ٻڌڻ لاء تيار ئي ناهي ، جنهن کي جيڪو ٿو وڻي سو ٿو ڪري، جيڪڏهن اهڙي صورت حال ئي رهي ته پوء عوام جي قسمت به تبديل نه ٿيندي ۽ عوام درپدري واري زندگي پيو گزاريندو










