شاهه پاران سپريم ڪورٽ ۾ ضمانت جي درخواست جو فيصلو

سکر (بيورو رپورٽ) پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ ايم اين اي سيد خورشيد احمد شاهه سنڌ هاءِ ڪورٽ مان ضمانت رد ٿيڻ بعد  سپريم ڪورٽ ۾ ضمانت جي درخواست داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سندس وڪيل محمد مخدوم علي خان ضمانت بابت درخواست تيار ڪري ورتي آهي. اڄ جمع ڪرائڻ جو امڪان آهي، سيد خورشيد احمد شاهه جي وڪيل جو چوڻ آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان درخواست رد ڪرڻ بعد سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪرائي رهيا آهيون، اميد ته سپريم ڪورٽ ضمانت واري درخواست منظور ڪندي، سڌهاءِ ڪورٽ 4ڏينهن اڳ خورشيد شاهه جي ضمانت بابت درخواست رد ڪئي هئي، گذريل 22مهينن کان حراست ۾ آهي، خورشيد شاهه کي نيب 18سيپٽمبر 2019 تي گرفتار ڪيو هو، خورشيد شاهه سوڌو 18ڄڻن تي هڪ ارب23ڪروڙ رپين جي ڪرپشن جو ريفرنس داخل آهي پر اڃا تائين نيب مڪمل ريفرنس داخل ناهي ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو