شاهه محمود پاران ڌيءَ کي اليڪشن بيهارڻ جو فيصلو

شاهه محمود پاران ڌيءَ کي اليڪشن بيهارڻ جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) اڳواڻ شاهه محمود قريشي پنهنجي ڌيءَ کي پٽ جي خالي ڪيل سيٽ تي اليڪشن وڙهڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. شاهه محمود قريشي ملتان مان قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 157 تان پنهنجي ڌيءَ مهر بانو قريشي کي اميدوار بيهاريو ۽ کيس عمران خان جي اجازت سان پنهنجي ڌيءَ جا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو چيو. مهر بانو قريشي جو چوڻ آهي ته هوءَ 2018ع کان تحريڪ انصاف جي سوشل ميڊيا ٽيم سان گڏ ڪم ڪري رهي آهي. روايت جي برعڪس پيءُ کيس عمران خان جي داستان کي زنده رکڻ لاءِ چونڊيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو