اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان جو پرڏيهي کاتي جو وزير شاه محمود قريشي اعليٰ وفد سان گڏ بيجنگ پهچي ويو آهي. وفد ۾ ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد به شامل آهي. ٻن ڏينهن جي دوري تي چين روانو ٿي ويو آهي. هن ويڊيو پيغام ۾ چيو آهي ته چيني هم منصب جي دعوت تي هو بيجنگ جي دوري دوران سيپيڪ تي اڳڀرائي، عالمي، علائقائي مسئلن، پاڪستان ۾ چيني شهرين جي حفاظت، دهشتگردي جي خاتمي، افغانستان جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته تازو داسوڊيم تيٿيل دهشتگردي جي واقعي ۾ 9 چيني انجنيئرز جي موت سبب ٻنهي ملڪن ۾ پيا ٿيل ڇڪتاڻ واري صورتحال کي نارملائيز ڪرڻ لاءِ هو چيني قيادت کي اعتماد م وٺندو.










