ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ينگ پارليامينٽرينز فورم جي وفد کي خطاب ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته تاريخي رڪارڊ مان معلوم ٿئي ٿو ته 1919ع ۾ سنڌ جي 40 لک ايڪڙ زمين واهن جي پاڻي تي آباد ٿيندي هئي. سنڌ ڪراپ رپورٽنگ سروسز 2023 جي انگن اکرن موجب صوبو هاڻي سنڌ ۾ ٽن بئراجن ذريعي 14 آبپاشي واهن ذريعي 46 لک ايڪڙ زمين آباد ٿئي ٿي. مراد علي شاهه چيو ته سنڌ پاڻي جي مسلسل کوٽ سبب فصل جي پوک وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ خبردار ڪيو ته ان حوالي سان اضافي ڪينالن کي ڪڍڻ سان صوبي جي زرعي معيشت کي خطرو ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته 1976ع کان 2024ع تائين فقط ٻه سال هئا جڏهن سنڌو درياهه ۾ پاڻي گهڻو رهيو، 49 سالن ۾ 2 ڀيرا ٻوڏ آئي، اهري صورتحال باوجود فلڊ ڪينال ٺاهڻ جو منطق عجيب آهي. ٻي صورت ۾ اهو علائقو مسلسل کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي. پاڻي جي معاهدي تي صحيحون ڪرڻ کانپوءِ سنڌ کي سراسري طور 11 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ينگ پارليامينٽرينز فورم جي وفد وڏي وزير تي زور ڀريو ته هو کين موجود پاڻي جي وسيلن بابت ڊيٽا فراهم ڪري ته جيئن هو پارليامينٽ ۾ ان مقصد کي اجاڳر ڪري سگهن. خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي پارليامينٽ جي ميمبرن به ان معاملي کي قومي اسيمبلي ۾ اٿارڻ جو ارادو ظاهر ڪيو آهي. اجلاس ۾ سڌ سماءَ واري صوبائي وزير شرجيل ميمڻ، آبپاشي وزير ڄام خان شورو ۽ مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني پڻ شرڪت ڪئي. وڏي وزير سان ملاقات ڪندڙ وفد ۾ پي وائي ايف جي صدر سيده نوشين افتخار، جنرل سيڪريٽري مير جمال خان رئيساڻي، اطلاعات سيڪريٽري اقبال خان، سيد علي قاسم گيلاني، علي جان مزاري، دانيال چوڌري، راجا اسامہ سرور، بئريسٽر عقيل ملڪ، مقداد علي خان، سعد وسيم، صلاح الدين جوڻيجو، ڪرن عمران ڊار، محمد سعد الله، عثمان علي، اختر بي بي، شائستہ خان، پير امير علي شاهه جيلاني، ذوالفقار بچاڻي، شمعون هاشمي، محمد مشتاق، ظفر سلطان، راجا محمد علي ۽ محمد نعمان شامل هئا. ينگ پارليامينٽرينز فورم جي اڳواڻن اعتراف ڪيو ته صحت جون سهولتون جهڙوڪ جي پي ايم سي، اين آئي سي وي ڊي، اين آئي سي ايڇ، گمبٽ انسٽيٽيوٽ ۽ ايس يو آئي ٽي بهترن ڪم ڪري رهيا آهن ۽ ملڪ ۾ اهڙا ادارا ناهن. وڏي وزير سندس ساراهڻ تي ٿورا مڃيندي چيو ته سندس حڪومت ۽ پيپلز پارٽي تي تنقيد ڪندڙ اڪثر ناڪاري پهلوئن تي ڌيان ڏيندا آهن. ڪراچي جي ترقي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي نوجوان پارلياماني ميمبرن سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت پاران اهم سڌارا آڻڻ تي واکاڻ ڪئي. هن چيو ته شهر جا روڊ رستا بهتر ٿيا آهن ۽ نوان فلائي اوور ۽ انڊر پاسز ٺهڻ سان ٽريفڪ جي رواني ۾ بهتري آئي آهي. مراد شاهه جواب ڏنو ته ڪراچي ۾ نه رڳو روڊن جي انفراسٽرڪچر ۾ بهتري آئي آهي پر برساتي پاڻي جي انتظام جو جامع نظام پڻ موجود آهي. هن چيو ته اسان اڄ به ڪراچي کي خوبصورت شهر، صنعتي حب، سکيائي مرڪز ۽ صحت جو عالمي شهر بڻائڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون. پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي حوالي سان وڏي وزير جهرڪ-ملان ڪاتيار پل جو ذڪر ڪيو جيڪو سنڌو درياءَ تي سڀ کان وڏي پل آهي جنهن جو معاهدو هن ماڊل ذريعي سنڌ حڪومت ڪيو هو. هن وڌيڪ چيو ته گهوٽڪي کان ڪنڌڪوٽ تائين 23 ڪلوميٽر ڊگھي پل پڻ تعمير هيٺ آهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ ملير ايڪسپريس وي هڪ ڀيرو ٻيهر پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ذريعي تعمير هيٺ آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت ٿر ڪول مائننگ کي ترقي وٺرائڻ لاءِ اينگرو سان انتهائي اهم پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ قائم ڪئي آهي. الحمدلله اڄ ٿر نيشنل گرڊ ۾ 2640 ميگاواٽ ڪوئلي تي هلندڙ بجلي تمام گهٽ قيمت تي ڏئي رهيو آهي. نوجوان پارليامينٽرين وڏي وزير تي زور ڀريو ته هو نوجوانن لاءِ تعليمي، تفريحي ۽ ڪيريئر ڊولپمينٽ جون سهولتون فراهم ڪري. ان جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته سندس حڪومت هر ضلعي ۾ يوٿ سينٽر قائم ڪرڻ جي عمل ۾ آهي جنهن ۾ راندين، ڪيريئر ڪائونسلنگ، ڪوچنگ ۽ پڙهڻ جا وسيلا جهڙوڪ ڊجيٽل لائبرري سميت مختلف سهولتون فراهم ڪيون وينديون. اجلاس جي پڄاڻي گروپ فوٽوز وٺڻ تي ٿي ۽ وڏي وزير آيل ميمبرن کي اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپيون پيش ڪيون.










