شاهه رخ خان هڪ مهيني ۾ ڪيترو ڪمائي ٿو؟

ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي ڪنگ شاهه رخ خان سوشل ميڊيا صارفين کي ٻڌايو ته هو هڪ مهيني ۾ ڪيترو ڪمائي ٿو. ڪنگ خان گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ مائڪرو بلاگنگ سائيٽ ٽوئيٽر تي سوالن ۽ جوابن جو سيشن منعقد ڪيو.ا ن دوران سندس مداحن کانئس دلچسپ سوال پڇيا، جنهن تي سپر اسٽار به مزاحيه انداز ۾ ڪم ڪيو ۽ انهن سوالن جا منفرد جواب ڏنا. اهڙي ئي هڪ مداح شاهه رخ خان کان سندس ڪمائي بابت پڇيو ته هو هڪ مهيني ۾ ڪيترو ڪمائي ٿو؟ امان احمد نالي هڪ ٽوئيٽر صارف جي سوال جي جواب ۾ ڪنگ خان چيو ته مان هر روز بيشمار محبتون ڪمائيندو آهيان.

پهنجو تبصرو موڪليو