ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صحافت جي آزادي لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيم “رپورٽرز ود آئوٽ بارڊرز” جو چوڻ آهي ته سڄي دنيا اندر 2019 ۾ 49 صحافين کي قتل ڪيو ويو جيڪا 16 سالن جي عرصي ۾ تمام ٿوري شرح آهي. غير ملڪي خبر ايجنسي اي ايف پي جي رپورٽ مطابق رپورٽرز ود آئوٽ بارڊرز پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته اڪثر صحافي يمن، شام ۽ افغانستان ۾ جنگ جي ڪوريج دوران ماريا ويا آهن. فرانس ۾ قائم تنظيم خبردار ڪيو آهي ته تاريخي حوالي سان سڄي سال ۾ ان جو تعداد گهٽ هجڻ باوجود صحافت بدستور هڪ خطرناڪ پيشو آهي. تنظيم جو چوڻ هو ته گذريل ٻن ڏهاڪن کان هڪ سال ۾ تقريبن 80 صحافي ڪوريج دوران قتل ڪيا ويا. فرانس ۾ آر ايس ايف جي نالي سان معروف رپورٽرز ود آئوٽ بارڊرز جي سربراهه ڪرسٽوف ڊيولوئر خبردار ڪندي چيو آهي ته ان ملڪن ۾ وڌيڪ صحافي قتل ڪيا ويا آهن جتي امن جي حوالي سان تمام گهڻا خطرا هيا ۽ 10 صحافي صرف ميڪسيڪو ۾ ماريا ويا. هن جو چوڻ هو ته لاطيني آمريڪا ۾ مجموعي طور 14 رپورٽر ماريا ويا ۽ وچ اوڀر وانگي خطرناڪ بڻجي ويو آهي. هلندڙ سال صحافين تي حملن ۾ گهٽتائي جي حوالي سان ان جو چوڻ هو ته متاثر علائقن ۾ رپورٽنگ ڪندڙ صحافين کي هدف بڻائڻ ۾ گهٽتائي ٿيڻ تي خوش ٿيڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته گهڻا صحافي جمهوري ملڪن ۾ ان جي رپورٽنگ سبب ماريا ويندا آهن جيڪو هڪ حقيقي چئلنج آهي. تنظيم مطابق جتي ڪيترن صحافين کي ماريو ويو اهڙي طرح ڪيترن ئي صحافين کي جيل ۾ وڌو ويو جن جي تعداد 389 هئي جيڪا گذريل سال جي مقابلي ۾ 12 فيصد وڌيڪ هئي. رپورٽ مطابق گرفتار ٿيندڙ صحافين جو اڌ تعداد ٽن ملڪن چين، مصر ۽ سعودي عرب ۾ آهي جڏهن ته سعودي عرب تي گذريل سال تُرڪي جي شهر استنبول ۾ صحافي جمال خاشقجي کي قتل ڪرڻ جو الزام به آهي. آر ايس ايف جو چوڻ هو ته چين، ايغور مسلمانن تي سختين جي توجيح پيش ڪندو آهي جتي سڄي دنيا ۾ قيد ٿيندڙ ڪيترائي صحافي قيد ۾ آهن. رپورٽ مطابق شام، يمن، عراق ۽ يوڪرين ۾ 57 صحافين کي حراست ۾ ورتو ويو. ياد رهي ته صحافين جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيم انٽرنيشنل فيڊريشن آف جرنلسٽس گذريل سال پنهنجي رپورٽ ۾ چيو هو ته 2018 ۾ 94 صحافين ۽ ميڊيا اسٽاف کي پنهنجا فرائض سرانجام ڏيندي قتل ڪيو ويو. آءِ ايف جي طرفان جاري ڪيل سالاني رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته ان قتل ٿيندڙ صحافين ۾ 5 پاڪستاني به شامل آهن. 2018 جي آخر ۾ شايع ٿيندڙ اها لسٽ 146 ملڪن جي 6 لک کان وڌيڪ صحافين جي نمائندگي ڪندڙ اداري آءِ ايف جي، جي 29هين رپورٽ هئي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته گذريل سال 84 صحافي، ڪيمرامين، ٽيڪنيشن کي ٽارگيٽ ڪلنگ، بم ڌماڪن يا فائرنگ جي واقعن ۾ قتل ڪيو ويو جڏهن ته 10 ماڻهن ۾ ڊرائيور ۽ حفاظتي ڊيوٽي سرانجام ڏيندڙ آفيسر به شامل هيا. واضح رهي ته قتل ڪيل 94 ماڻهن ۾ 6 صحافي عورتون به شامل هيون.










