اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن مخصوص سيٽن بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عملدرآمد جو فيصلو ڪري ورتو آهي.اليڪشن ڪميشن جي ترجمان موجب چيف اليڪشن ڪمشنر جي صدارت هيٺ اليڪشن ڪميشن ۾ مخصوص سيٽن بابت سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عملدرآمد بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ عدالتي فيصلي تي عملدرآمد جو فيصلو ڪيو ويو.ترجمان موجب اجلاس ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرن کي سياسي پارٽي طرفان غير ضروري تنقيد جو نشانو بڻائڻ جي سخت مذمت ڪئي وئي ۽ اليڪشن ڪميشن جي استعيفيٰ جي مطالبي کي بي بنياد قرار ڏنو. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيو ته اليڪشن ڪميشن ڪنهن به دٻاءُ کي نظر ۾ رکندي آئين ۽ قانون موجب ڪم ڪندو رهندو، اليڪشن ڪميشن ڪنهن به فيصلي جي غلط تشريح ناهي ڪئي. اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي اليڪشن کي صحيح قرار نه ڏنو هو، جنهن خلاف پي ٽي آءِ مختلف فورمن تي وئي ۽ اليڪشن ڪميشن جو فيصلو برقرار رکيو ويو.ترجمان چيو ته پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي اليڪشن صحيح نه هئي جنهن جي نتيجي ۾ بٽ ڪنشن واپس ورتو ويو، ان ڪري اليڪشن ڪميشن تي الزام لڳائڻ انتهائي نامناسب آهي.










