ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ايم ڊي/چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ انجنيئر سيد صلاح الدين احمد واٽر بورڊ جي مرڪزي ھيڊ آفيس ڪارساز جو تفصيلي دورو ڪري صفائي سٿرائي ۽ سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو ورتو، ان موقعي تي سي اي او واٽر بورڊ لاڳاپيل آفيسرن کي حڪم جاري ڪندي چيو تہ واٽر بورڊ جي مرڪزي ھيڊ آفيس اندر ۽ چوڌاري صفائي سٿرائي ۽ سڪيورٽي جا مڪمل انتظام ڪيا وڃن، ان موقعي تي اسٽاف آفيسر ٽو سي اي او واٽر بورڊ سيد سردار شاھ، ايگزيڪيوٽو انجنيئر ڪي ڊي سول ون عبدالعزيز ۽ ٻيا موجود هئا.










