سيپڪو جوهي شهر جي بجلي بحال ڪرڻ لاءِ آپشن تي غور

سيپڪو جوهي شهر جي بجلي بحال ڪرڻ لاءِ آپشن تي غور

سکر (ن سنڌيار)سکر اليڪٽرڪ پاور ڪمپني (سيپڪو) جوهي شهر کي بجلي جي فراهمي لاءِ مختلف آپشنز تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي.سيپڪو سربراهه موجب ٽيم اڄ مختلف هنڌن جو معائنو ڪري رپورٽ پيش ڪندي.هن چيو ته جوهي شهر ۾ جتي به ڪنيڪٽيٽي ٿي سگهي ٿو اتي پول لڳائي بجلي بحال ڪئي ويندي.سيپڪو چيف چيو ته دادو گرڊ اسٽيشن تان جوهي شهر کي بجلي فراهم ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.ياد رهي ته جوهي ۾ 132 ڪي وي جو پول ڪراس ٿيڻ سبب 2 ڏينهن کان بجلي جي فراهمي معطل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو