سينيٽ ۾ شڪست، ٽن وڏن ۾ رابطو، سومر تي اجلاس طلب

سينيٽ ۾ شڪست، ٽن وڏن ۾ رابطو، سومر تي اجلاس طلب

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) سينيٽ ۾ پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ پي ڊي ايم جي اميدوار يوسف رضا گيلاني جي شڪست کان پوءِ مولانا فضل الرحمان، نوازشريف  ۽ آصف زرداري وچ ۾ ٽييلفون تي رابطو ٿيو آهي.چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين سينيٽ جي چونڊ بابت معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ذريعن موجب لانگ مارچ جي تيارين ۽ مستقبل جي لائحه عمل بابت به ڳالهيون ٿيون آهن. ذريعن موجب مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته چيئرمين سينيٽ جي چونڊن ۾ ووٽ رد ۽ پوءِ ڊپٽي چيئرمين سينيٽ جي چونڊ ۾ حڪومتي اميدوار کي اهي سمورا ووٽ ڪيئن ملي ويا؟ پي ڊي ايم جي سربراهه جو چوڻ هو ته هاڻ استعيفائن کان سواءِ لانگ مارچ جو به فائدو نه ٿيندو. ياد رهي ته گذريل ڏينهن پاڪستان تحريڪ انصاف  ۽ اتحادي پارٽين جي اميدوار صادق سنجراڻي  چيئرمين سينيٽ ۽ مرزا محمد آفريدي ڊپٽي چيئرمين چونڊجي ويو هو. اپوزيشن اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي ٻنهي اميدوارن سيد يوسف رضا گيلاني ۽ مولانا عبدالغفور حيدري کي شڪست ملي هئي. 

پهنجو تبصرو موڪليو