سينيٽ جون چونڊون اوپن يا سيڪريٽ ٿيڻ گهرجن!

سينيٽ جون چونڊون اوپن يا سيڪريٽ ٿيڻ گهرجن!

ليکڪ، اي اي عباسي

پاڪستان تحريڪ انصاف پارٽي جي سربراهه ۽ ملڪ جي وزيراعظم عمران خان تي بار بار الزام لڳائيندڙ هاڻي اپوزيشن وارا پنهنجي سياسي مستقبل جي سياست کي ايوانن ۾ ڪيئن وڌيڪ موثر ڪندي ڇهن سالن لاءِ زندهه رکڻ لاءِ ڪهڙي حڪمت عملي ڪئي وڃي ٿي ۽ ڪهڙا سياسي حربا استعمال ڪندي پي ٽي آءِ جي ٻيڙيءَ ۾ سوراخ ڪڍي انهي کي سياسي شڪست ڏين ٿا، جنهن لاءِ اها ڳالهه ته واضع ٿي چڪي آهي ته 11 مارچ تي 104 مان 52 سينيٽر رٽائرڊ ٿي رهيا آهن ٿا ، جنهن ۾ پاڪستان مسلم ليگ نواز جا 17 ، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جا 8، پي ٽي آءِ جا 7 ، ايم ڪيو ايم جا 4 ، بي اين پي جا 3 ، جي يو آءِ ، اين پي، پي ڪيو اي پي جا 2، 2 سينيٽر رٽائرڊ ٿي رهيا آهن، جڏهن ته جماعت اسلامي ، اي اين پي ۽ بي اين پي مينگل جو هڪ هڪ ۽ فاٽا جا 4 ميمبر پڻ رٽائرڊ ٿي رهيا آهن، اهڙي طرح ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان مان 12، 12 سنڌ ۽ پنجاب مان 11 ، 11 فاٽا مان 4 ۽ اسلام آباد مان 2 ميمبر رٽائرڊ ٿي رهيا آهن، رٽائرڊ ٿيندڙن ۾ شيري رحمان، سسئي پليجو، سليم مانڊي والا، انجنيئر گيانچند، اسلام الدين شيخ، رحمان ملڪ ۽ فاروق ايچ نائيڪ شامل آهن، اهڙي طرح پي ٽي آءِ شبلي فراز، ثمينه سعيد، ذيشان خانزادهه، ن ليگ جا راجا ظفر الحق ، پرويز رشيد، مشاهد الله خان، جي يو آءِ جو مولوي غفور حيدري، ڪلثوم پروين ۽ راحيله مگسي به رٽائرڊ ٿي رهيا آهن، اهڙي طرح عوامي نيشنل پارٽي ۽ نيشنل پارٽي جي ٻن سينيٽرن اڳ ۾ استعيفا ڏيئي ڇڏي آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ ڇڏيندڙ باغي گروپ جي اڳواڻ خرم لغاري جي دعويٰ آهي ته پنج ايم پي ايز سينيٽ چونڊن کان اڳ پاڪستان تحريڪ انصاف کي الوداع ڪندا ۽ اهڙي طرح اندازو ڪري سگهجي ٿو ته اهي ووٽ به حڪومت کي ملڻ بجاءِ اپوزيشن پارٽين کي ملي سگهن ٿا، سينيٽ جي چونڊن جي سلسلي ۾ ڪورت سڳوري جو چوڻ آهي ته سينينٽ چونڊ اوپن بيلٽ ذريعي ڪرائڻ بابت ٻڌڻي ڇا حڪومت سپريم ڪورٽ جي ڏنل راءِ تي عمل جي پابند آهي ، اٽارني جنرل چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽ مڪاني چونڊون ڳجهي بيلٽنگ ذريعي ڪرائڻ جو فيصلو ڏنو ۽ ترميم جو چيو آهي، چيف جسٽس گلزار احمد جا ريمارڪس آهن ته اليڪشن ڪميشن پنهنجو ڪم جاري رکي، عدالت پنهنجو فيصلو جاري ڪندي، سينيٽ جي اليڪشن کا اڳ ۾ هرهڪ سياسي، مذهبي پارتيءَ جي ڪوشش آهي ته اسان جا ميمبر وڌ ۾ وڌ چونڊجي اچن جيئن ايندڙ وقت ۾ جيڪا به ملڪي قانون سازي جو مرحلو اڳتي وڌي انهي ۾ اسان جو عمل خدل سڀني کان اڳرو هجي ۽ اسان جي سينيٽر جي ووٽ سان قانون ۾ ڪي به نوان ٺهراءَ  قراردادون پاس ڪرائي سگهجن ٿا، انهي سلسلي ۾ اپوزيشن جي سمورين جماعتن پارٽين پاڪستان پيپلز پارٽي، پاڪستان مسلم ليگ نواز، جي يو آءِ ، بي اين پي مينگل، جماعت اسلامي، اي اين پي سميت ٻين سياسي ۽ مذهبي جماعتن جي اول کان آخر تائين اها ڪوشش آهي ته ڪهڙي به طرح  موجودهه پي ٽي آءِ جي اقتداري جماعت کي سينيٽ ۾ گهٽ ووٽ پون ۽ انهن جا گهٽ ميمبر چونڊجي اچن جنهن لاءِ اپوزيشن جماعتن پنهنجي حڪومتي مخالف لانگ مارچ کي به في الحال ملتوي ڪري سينيٽ جي چونڊن ۾ حڪومت ۾ ويٺل وزيرن جا پگهر ڪڍڻ لاءِ حڪومت مخالف ڌرين جماعتن شايد تاريخ ۾ ڪڏهن اهڙي ٻڌي اتحاد يونٽيءَ جو مظاهرو نه ڪيو هجي جهڙو هن ڀيري اهي وڏا وڏا ٻٽا ٻٽا ڀاڪر پائي هڪ ٻئي کي جيءَ ۾ جايون ڏيڻ سميت پهچڻ شرط ويلڪم ويلڪم ڀليڪار چئي آڌر ڀاءُ ڪري رهيا آهن، سينيٽ جي ٿيندڙ اڪثر چونڊن ۾ اپوزيشن هجي يا اقتداري پارٽي انهي ۾ هميشه ائين ٿيندو رهيو آهي ته اهي ٽئلنٽ اهليت بجاءِ پنهنجي خوشامدي ماڻهن کي سينيٽر بڻائڻ لاءِ سرگرم ٿي وينديون آهن، جنهن ڪري اهي واندڪائيءَ جا هريل ماڻهو سمورو عرصو سينيٽ جي ايوان ۾ عوامي مسئلن تي ڳالهائڻ بجاءِ رڳو چپ جي روزي مطابق خاموش رهي سيٽ سيڙائيندا آهن، قابل قسم جا سياسي ورڪر اڳواڻ صلاحيتن جا مالڪ نوجوان جيڪي ڪنهن ويزن ڪنهن نظريي، ڪنهن فلسفي، ڪنهن عوامي سوچ جي منتقليءَ جا خواهشمند ماڻهو سينيٽ جي ايوان ۾ چونڊجي اچن ته اها سياسي قيادت جي سياسي بصيرت دانشمندي ۽ پارٽي جماعت جو عظيم سرمايو ۽ اثاثو هوندو، باقي مانڊي والا ۽ ريڙهي والا، رحمان ملڪ، شيري رحمان، فاروق ايڇ نائيڪ، اسلام الدين شيخ، راحيلا مگسي، سليم ضياءَ جهڙن ماڻهن ٻڌايو وڃي ته انهن پنهنجي عوام جي ڪهڙي خدمت ڪئي ۽ ڪهڙو سينيٽ جي ايوان ۾ عوامي مسئلن جي حل لاءِ آواز اٿاريو ؟ جيڪڏهن پڙاڏي، گونج ۽ للڪار وارا سينيٽر ايوان ۾ چونڊجي اچن ٿا ته پوءِ عوام جي حقن جو تحفظ ٿيڻ لڳي ٿو ۽ ڌرتيءَ جي خدمت ٿيڻ لڳي ٿي، ڪو دور هيو جو جنهن ۾ پ پ پ جا سينيٽر ڊاڪٽر صفدر عباسي، ميان رضا رباني، سيد حسين شاهه راشدي، جهانگير بدر، چوڌري اعزاز احسن، غلام قادر چانڊيو، اقبال حيدر ۽ ٻيا شامل هيا جنهن ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي انتهائي قريب ساٿين ۾ سندن جي پوليٽيڪل سيڪريٽري ناهيد خان جو ور سينيٽر ڊاڪٽر صفدر علي عباسي پيپلز پارٽي جي انهي وقت جي عوامي موقف کي ڪهڙي طرح  ايوانن ۾ پڙاڏي ذريعي گونج ڪندو رهندو هيو ۽ انهي پيپلز پارٽي جي چيئرمين شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ساٿي جي سينيٽر ڊاڪٽر صفدر عباسي 15 سال انهي سينيٽ جي ايوان ۾ سنڌ جي عوام جي نمائندگي ڪري جهڙي طرح سنڌ جي مارو ماروئڙن جي آواز کي قومي سطح تي کنيو انهي جو مثال نٿو ملي سگهي، هيءُ واحد سينيٽر هيو هيو جيڪو پ پ پ جي حڪومتي دور ۾ به رهيو ۽ آمريت واري سياهه دور ۾ به پيپلز پارٽي جي شهيدن جي آواز جو تسلسل رهيو، جهڙي طرح جي ڊي اي جي اڳواڻ صدرالدين شاهه راشدي کي سينيٽر طور کڻڻ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي اهڙي طرح ئي پاڪستان پيپلز پارٽي ورڪرس جي سربراهه ۽ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي اڳواڻ ڊاڪٽر صفدر عباسي کي به سينيٽر طور کنيو وڃي ته انهيءَ مان سنڌ جي سياسي طور ڪافي فائدا ۽ سياسي حڪمت عملي بهتر سمجهندڙ سينئير سياستدان اڳتي اچي سگهن ٿا ۽ اهڙي طرح عباسي خاندان جون هونئن به سياسي حوالي سان وڏيون خدمتون آهن. جڏهن ته اهلسنت جي جان سمجهي ويندڙ عالمي سطح جي شخصيت علامه شاهه احمد نوراني صديقي ڇا ته پرسنلٽي هيا ڪهڙو نه ڪردار ۽ قاديانين کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي وزيراعظم جي عهدي دوران اهو وزيراعظم پاران قانوني طرح اعلان ڪرايو ويو ته قادياني ڪافر آهن، جنهن لاءِ پوري 22 ڪروڙ ملڪ جي آبادي سان گڏ سموري دنيا جا ڪروڙين اربين مسلمان خوش ٿيا هيا اهڙي قدم ڪرڻ سان ۽ شهيد ڀٽو جي هڪ تاريخ جڙي وئي هئي.اهڙن ڪردارن جي سمورين سياسي پارٽين جماعتن کي ضرورت آهي ته اهي ڪردارن آوازن ۽ پڙاڏن کي ايوانن ۾ موڪلين نه ڪي ننڊ، ستل ۽ خاموش ارواحن کي موڪلي ويتر خواريءَ جو ذريعو بڻجن. اڳ ۾ سياسي مدبر اسيمبلين ۾ ايندا رهيا پر هاڻي بزنس مين، کاٽائو پٽ ۽ خوشامدي لشڪر ڪشي ٿين لڳي ٿي، جيڪا سياسي ماحول لاءِ وڏو هاڃيڪار پهلو آهي، هاڻي به جيڪڏهن ڏسندوءُ ته ڳولڻ سان سياسي مذهبي جماعتن کي انتهائي معزز، معتبر ۽ مانوارا نالا سامهون ملي ويندا. جنهن ۾ جمعيت علماءِ پاڪستان جي سربراهه علامه محمد اويس نوراني صديقي جيڪو هن وقت به اپوزيشن ليڊرشپ ۾ صف اول جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، تحريڪ انصار المسلمين پاڪستان جي سربراهه ۽ سلسله عاليه نقشبنديه جا مشهور پير ڪرم الله الاهي مدني دلبر سائين ماتلي وارا ، گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جو اڳواڻ ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي ورڪرس جو سربراهه ڊاڪٽر صفدر عباسي سميت ٻيا کوڙ سارا نالا آهن جيڪي عوامي خدمت جي جذبي سان سرشار آهن انهن کي  سينيٽ جي ايوان ۾ کنيو وڃي ۽ سنڌ سان ٻه اکيائي انهي سلسلي ۾ سينيٽ اندر سينيٽر کڻڻ لاءِ بند ڪئي وڃي ته ڪوٽا سنڌ جي هجي ۽ اهو سنڌ بجاءِ ڪنهن ٻئي صوبي جو هتان چونڊايو وڃي اها سراسر سنڌ سان ويساهه گهاتي ۽ ٻي اکيائي سمجهي وڃي ٿي جهڙي طرح گذريل وقت ۾ رحمان ملڪ، فاروق ايچ نائيڪ وغيرهه پيپلز پارٽي پنهنجي  سينيٽ جو معتبر عوامي ايوان سينيٽرن جي صلاحيتن سان عوام کي لاڀ تڏهن حاصل ٿي سگهندو جڏهن واقعي سياسي ورڪر ٽائپ اڳواڻ انهيءَ ايوان ۾ چونڊي موڪليا ويندا. جيڪي پنهنجي سينيٽر ٿيڻ واري عرصي دوران پنهنجي سنڌ صوبي جي مجموعي مسئلن جهڙوڪ کنڀي گم ڪيل نوجوانن جي واپسي لاءِ آواز اٿاري سگهن، جيڪي ناموس رسالت، تحفظ ختم نبوت صلي الله عليه وسلم جي لاءِ سراپا احتجاج بڻجي وڃن، جيڪي روزانو استعمال ٿيندڙ شين جي قيمتن تي ۽ وڌندڙ مهانگائي خلاف ايوان ۾ سخت احتجاج رڪارڊ ڪرائي سگهن. مانجھي مڙس جوانن جي ضرورت آهي سينيٽ جي ايوان کي جتي سنڌ جي جذباتي احساسات جي ترجماني ٿيڻ گهرجي جتي سنڌ جو روح جو آواز هڪ ڪوڪ للڪار هجڻ گهرجي. سينيٽ جو ايوان انهيءَ حوالي سان به اهم ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي جو سينيٽرن کان ووٽ وٺڻ کان بغير ڪا به ملڪي اهم قانون سازي نامڪمل سمجهي وڃي ٿي. انهي سينيٽرن جي ووٽ جي جڏهن ايڏي وڏي اهميت ۽ افاديت آهي ته پوءِ انهيءَ ايوان ۾ ايندڙ سينيٽرن جو به صلاحيتن سان ڀرپور ڪردار ادا ڪندڙ سياسي سماجي، مذهبي جماعتن جا اڻ موٽ ڪردار موڪليا وڃن. موجوده پي ٽي آء حڪومت تي الزام لڳي رهيا آهن ته اهي ماڻهو خريد ڪرڻ لاءِ ماحول خراب ڪري رهيا آهن. جڏهن ته اپوزيشن اڳواڻن به پراڻا حربا استعمال ڪندي سرگرميون شروع ڪري ڇڏيون آهن. سينيٽ جي اليڪشن کان اڳ ٻولي لڳي رهي آهي. اڪثر تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته بازار گرم لڳي پئي آهي سٽي بازي لاءِ ڪي مافيائون پڻ ميدان تي لٿل آهن ته پوءِ اهڙي ماحول ۾ ڏسجي ته ڪير ڪيئن سينيٽ جي چونڊن ۾ ڪامياب ٿي ٻين کي پوئتي ڪري ٿو ۽ ايندڙ ڏهاڙن ۾ واقعي صلاحيتن وارا ڪردار سامهون آندا وڃن ٿا يا لوڌيل ڪٽڪ سنڌ جي ڪوٽا تي معتبر بڻجي سنڌ جي محرومين بجاءِ مسخري وارو ڪردار ادا ڪرڻ اچن ٿا. هاڻي هيءُ سوال به سامهون آهي ته سينيٽ جو ووٽ سينيٽرن کي صوبائي اسيمبلين ۽ قومي اسيمبليءَ ۾ اوپن يا سيڪريٽ ٿو پوي، باقي سنڌ جي 11 ووٽن مان پنج باءِ ڇهه جي فارمولي تحت پ پ کي ڇهه ووٽ ملن ٿا يا وري پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم جي ڊي اي وغيرهه جي گڏجڻ سان پيپلز پارٽي مخالفن کي پنج ووٽ ملن ٿا. جڏهن ته گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس ۽ فنڪشنل مسلم ليگ جي سربراهه پير سائين پاڳاري صدرالدين شاهه راشديءَ جو نالو سينيٽ اميدوار طور نامزدگي لاءِ نالو تجويز ڪري ڇڏيو آهي ، جڏهن ته پيپلز پارٽي جي نامزد اميدوارن ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته انهن وري رحمان ملڪ، سليم مانڊي والا، شيري رحمان، فاروق ايڇ نائيڪ ساڳين چهرن لاءِ ميمبرشپ جي نامزدگي ظاهر ڪئي آهي جڏهن ته نون سينيٽرن ۾ اڳوڻي وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني، فرحت الله بابر، سنڌ مان ڄام مهتاب ڏهر،  ڪريم خواجه ، تاج حيدر، سليم مانڊي والا، شيري رحمان، شهادت اعواڻ اميدوار نامزد ڪيا ويا آهن ، انهي کانسواءِ عورتن جي جي سيٽن تي پلوشه خان ۽ خيرالنساءِ مغل کي ٽڪيٽ ملي آهي، پي ٽي آءِ ۾ شبلي فراز، حفيظ شيخ، ڊاڪٽر ثانيه نشتر احساس ڪفالت پروگرام جي چيئرمين، فيصل واوڊا، بئريسٽر ظفر علي، محسن عزيز ۽ سيف الله نيازي نامزد ڪيا ويا آهن، ائين ئي ن ليگ مان  پرويز رشيد، مشاهدالله خان، پروفيسرساجد مير، بئريسٽر سعديه عباسي اعظم نذير سينيٽرشپ لاءِ اميدوار سامهون آندا ويا آهن.وڌيڪ ڏسجي ته پيپلز پارٽي جي مرڪزي قيادت ۾ شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڃان وڌيڪ ڪهڙا نوان چهرا سينيٽر شپ لاءِ اڳتي موڪلين ٿا ۽ سنڌ جي ڪوٽا تي سنڌ جا پارٽي ڪارڪن اڳواڻ مقرر ڪياوڃن  ٿا يا وري هن ڀيري به بزنس مين ڪاروباري ماڻهو سينيٽ جي ايوان ۾ موڪلي انگ اکر پورا ڪري رسمي سياست ورجائي وڃي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو