ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل
اڄ انسانيت جنهن ٻه واٽي تي بيٺل آهي ۽ جن مسئلن ۾ منجهيل آهي، اهي ايتر ته پيچيدا ۽ ڏکوئيندڙ آهن، جو اڪيلو انساني عقل انهن کي حل نه ٿو ڪري سگهي. موجوده عالمگير ماده پرستاڻي تهذيب، سائنس جي ميدان ۾ ته تمام گهڻي ترقي ڪئي آهي پر اڄ جو انسان انهن سڀني ڳالهين جي باوجود قلبي سڪون ۽ روحاني تسڪين کان محروم آهي. اها رهنمائي فقط اسلام جي آفاقي پيغام ۾ ملي ٿي، پر اسان اسلام جي ٻڌايل رستي تي هلڻ ڇڏي ڏنو آهي. تنهن ڪري اسان ٻيڻي عذاب جو شڪار آهيون. اسان يورپ وانگر سائنسي ترقي نه ڪئي، تنهن ڪري سائنسي ايجادن ۽ انهن جي فائدن کان محروم آهيون. بي عمل مسلمان هئڻ ڪري اسلام جنهن قسم جي معاشري جو ڏس ڏي ٿو، اُن کي اسان اڃا تشڪيل نه ڏئي سگهيا آهيون. اهو ئي سبب آهي جو اسان جي معاشري ۾ بگاڙ ئي بگاڙ آهي.
حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جن سماج جي سڌاري جي شروعات هڪ اهڙي معاشري ۾ ڪئي، جيڪو مذهبي طرح وهم پرست هو ۽ سياسي طرح غير منظم. اُتي شرم ۽ حياءَ نالي واري ڪا به شيءِ نه هئي. حج جي موقعي تي قريش قبيلي کان سواءِ ٻيا ماڻهو مرد ۽ عورتون مختصر لباس سان ڪعبي جو طواف ڪندا هئا. شراب ۽ جوا، عربن جي زندگي جو حصو بڻجي چڪا هئا، معاشي زندگي ۾ وياج خوري جهڙي لعنت عام هئي، ايتري قدر جو عورتن ۽ ٻارن کي به گروي رکي ڇڏيندا هئا. جن جي گذر جو وسيلو رهزني ۽ غارتگري هو. ڌاڙن ۽ ڦرلٽ جي بازار گرم هئي، ڪڏهن ڪڏهن عورتن کي، ٻارن کي لٽي يا اغوا ڪري ٻئي هنڌ وڪرو ڪيو ويندو هو. ڌيئرن جي ڄمڻ کي بدبختي سمجهيو ويندو هو، تنهن ڪري بدبخت والدين پنهنجي نياڻين کي جيئري دفن ڪري ڇڏيندا هئا.
نبي آخر زمان صلي الله عليه وسلم جن جي پيدا ٿيڻ وقت، عربستان ۾ قبائلي زندگي هئي، جنهن ۾ هڪ قبيلو ٻئي قبيلي ۽ هڪ خاندان ٻئي خاندان جي خون جو پياسو هوندو هو ۽ انتقام جو سلسلو، هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين پيو هلندو هو ۽ ملڪ سارو سال وڳوڙ ۽ فتني فساد جو مرڪز بڻيل رهندو هو. ٿورو سوچيو ته اهڙي معاشري جو سڌارو ڪيترو نه ڏکيو ڪم آهي. اهو ئي سبب آهي جو رحمت اللعالمين صه جن جڏهن اها بشارت ڏني ته ڪو زمانو ايندو جو هڪ عورت صنعا کان مڪي تائين اڪيلي سفر ڪندي ۽ خدا کان سواءِ ان کي ڪنهن جو به ڊپ نه هوندو، ته ماڻهن کي انهيءَ ڳالهه تي عجب لڳو. دراصل اهڙي معاشري جو سڌارو بيحد ڏکيو هوندو آهي، جتي جا ماڻهو سماجي برائين ۽ پنهنجي ڪمزورين تي افسوس ڪرڻ بدران انهن تي فخر ڪندا هجن ۽ جتي عيب، عيب نه هجي، پر هنر بڻجي وڃي، اهڙي معاشري جون بنيادي خرابيون ڪنهن وضاحت جون محتاج نه هونديون آهن.
ڪو معاشرو ان وقت مثالي معاشرو چوائيندو آهي، جڏهن معاشري ۾ اڪثريت سٺن ماڻهن جي هجي ۽ معاشري جي اعليٰ تنظيم سان فلاحي رياست وجود ۾ ايندي هجي. فرد جي سڌاري سان ئي معاشري جو سڌارو ٿيندو آهي. حڪومتون تنظيمون ۽ منظم معاشرا فرد جي ئي وجود سان مڪمل ٿيندا آهن. فرد ئي اهو ايڪو آهي، جيڪو معاشري جي بگاڙ ۽ بناوٽ جو ذميوار آهي، تنهن ڪري جيترا به صالح ۽ پيغمبر آيا، انهن فرد جي سڌاري کي مٿاهون رکيو ۽ ان جي شخصيت جي تعمير ۽ ذات جي سڌاري کي دعوت جو بنيادي ٿنڀ قرار ڏنو. رب پاڪ جو حڪم آهي:
ترجمو: ”جيڪو شخص هدايت ڪري ٿو ته پنهنجي لاءِ ڪري ٿو ۽ جيڪو گمراهه ٿئي ٿو ته گمراهه آهي، جو نقصان به ان کي ئي ٿيندو“. (القرآن 15:17) ٻئي هنڌ قرآن پاڪ ۾ چيو ويو آهي، ترجمو ”اي ايمان وارؤ! پنهنجي جانين جي حفاظت ڪريو، جڏهن توهين هدايت تي آهيو، ته ڪو به گمراهه توهان جو ڪجهه نٿو بگاڙي سگهي“. (القرآن 15:5).
پاڻ سڳورن صه معاشري جي اصلاح اتان شروع ڪئي، جتي حيوانيت جي انتها هئي. انسانيت جي منزل اهي ۽ ان کان پوءِ نبوت کان سواءِ ٻيو ڪو به درجو ڪونهي. وحشي عربن جي اهڙي اصلاح ڪئي ويئي، جو اهي اهڙا صالح فرد بڻجي پيا، الله ۽ االله جي رسول صه تي ايمان آڻڻ وارا، ديانتدار، امانتدار ۽ دنيا تي آخرت کي ترجيح ڏيڻ وارا ۽ ٻين جي ضرورت کي پنهنجي ضرورت تي ترجيح ڏيڻ وارا بڻجي ويا. حضور اڪرم صه جن جي تربيت جو اثر هو، جو صحابه ڪرام انسانيت جي بلند ترين مقام تي پهچي ويا. اهي واعدي جي پابندي ڪندا هئا، جنگ بدر جو واقعو آهي ته مسلمانن جو تعداد ڪافرن جي مقابلي ۾ ٽيون حصو مس هو، انهن حالتن ۾ ٻه مسلمان انهن کي ڏسي خوش ٿين ٿا. انهن جڏهن حضور صه جن کي ٻڌايو ته ڪافرن کين انهي شرط تي ڇڏيو آهي ته اُهي جنگ ۾ مسلمانن جو ساٿ نه ڏيندا. حضور صه جن ڄاتو ٿي ته جنگ جي ميدان ۾، هڪ هڪ مجاهد جي ڪيتري ضرورت هوندي آهي، تنهن هوندي به پاڻ سڳورن صه فرمايو ”واعدي جي پابندي ضروري آهي، اسان کي فقط خدا جي مدد تي ڀروسو آهي“.
چيو ويندو آهي ته محبت ۽ جنگ ۾ هر شيءِ جائز آهي پر اسلام معاشري جي اصلاح اهڙي ڪرڻ چاهي ٿو، جنهن ۾ فرد جو ذاتي ڪردار پڻ مثالي هجي. اهو ئي سبب هو جو پاڻ سڳورن واعدي خلافي کان منع فرمائي آهي. اڄ جيڪي ڪجهه اسان جي معاشري ۾ خون خرابو ٿي رهيو آهي ۽ ڀاءُ جي هٿان ڀاءُ جو قتل ٿي رهيو آهي، ان جو خاص سبب اهو آهي ته اسان پنهنجي ذميوارين کي وساري ڇڏيو آهي ۽ اسان سمجهون ٿا ته اسان جي ڪا به ذميواري ناهي ۽ اهو ڪم حڪومت جو آهي، پر حضور صه جن اسان کي جيڪو سبق ڏنو آهي ان ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت ڇا آهي، توهان خود حڪومت آهيو، توهان مان جيڪڏهن هر ڪو پنهنجي ذميواري سٺي طريقي سان ادا ڪري ته حڪومت خودبخود بهتر ڪارڪردگي جي شڪل ۾ نظر ايندي. پاڻ صه فرمايو: ”مسلمانو! توهان مان هر هڪ حاڪم آهي ۽ ان کان ان جي رعيت بابت سوال ڪيو ويندو. هر ماڻهو پنهنجي گهر جو نگهبان آهي ۽ گهر ان جي رعيت آهي. هر ملازم پنهنجي مالڪ جي مال متاع جو نگهبان آهي ۽ اهو مال متاع ان جي رعيت آهي. بس هر نگهبان کان ان جي رعيت بابت پڇيو ويندو“.
اڄ جيڪڏهن اسان پنهنجي اصلاح ڪري وٺون ۽ خاتم المرسلين صه جي ٻڌايل راهه تي عمل ڪريون ته اسان جو معاشرو هر برائيءَ کان پاڪ ٿي سگهي ٿو، پر اهو فقط تڏهن ممڪن ٿيندو، جڏهن اسان جو ايمان پختو هوندو ۽ اسين حضور اڪرم صه جن کي دنيا جي هر شيءِ، ايتري قدر جو پنهنجي والدين ۽ اولاد کان به وڌيڪ محبوب ڄاڻون، ٻي حالت ۾ اسان مومن ٿي ئي نٿا سگهون.
تاريخ اسان کي ٻڌائي ٿي ته انسان جي ڪردار سازي ۾ پاڻ سڳورن صه جيڪو ڪارنامو سرانجام ڏنو، ان جو مثال نٿو ملي. پاڻ سڳورن صه جي تربيت جو اثر هو، جو اهڙا باصلاحيت، متقي، فرض شناس، بهادر ۽ باحوصله ماڻهو پيدا ٿيا، جن مان هر هڪ جا ڪارناما مثالي آهن، ان جو خاص سبب اهو هو جو حضور صلي الله عليه وسلم جن جي ساري زندگي هڪ کليل ڪتاب وانگر هئي. پاڻ سڳورن جو هر عمل مسلمانن لاءِ اسوه حسنه جي حيثيت رکندو هو، پاڻ سڳورن جي زندگي جو هر پهلو ايترو ته روشن آهي جو جيڪڏهن اسان رهنمائي حاصل ڪريون ته اسان جي زندگي به مثالي بڻجي سگهي ٿي، عظيم سپهه سالار جي حيثيت ۾ پاڻ سڳورن پنهنجي جنگي قابليت، شجاعت توڙي بهادريءَ جو ثبوت ڏنو، جڏهن پاڻ سڳورا صه مسلمانن جي حڪومت جا سربراهه بڻيا ته پاڻ سڳورن صه ايثار ۽ قرباني، محبت ۽ شفقت، رواداري ۽ فراخدلي، سادگي ۽ انڪساري جو اهڙو نمونو پيش ڪيو جو دنيا حيران رهجي وئي.
دراصل حضور صلي الله عليه وسلم جن انساني معاشري مان لالچ ۽ خود غرضي کي ختم ڪري، مروت ۽ ايثار جا جذبا پيدا ڪري، معاشري کي هڪ مثالي معاشرو ۽ جنت جو نمونو بڻائي ڇڏيو. حضور صه جن معاشري ۾ مروج برائين جو خاتمو آندو ۽ ماڻهن کي برائي کان پاڪ ڪيو، ان کان سواءِ پاڻ سڳورن صه معاشري ۾ ڦيٽاڙي ۽ فساد جون سڀ راهون پڻ بند ڪري ڇڏيون، ته جيئن ماڻهن جي امن ۽ سُڪون ۾ خلل نه پوي. دراصل حضور صه جن مسلمان جو ڪردار هيئن بيان ڪيو آهي، ”در حقيقت مسلمان اهو آهي جنهن جي زبان ۽ هٿ کان ٻيا مسلمان محفوظ رهن.” مسلمان جي خوبي هيءَ آهي ته هو هميشه نيڪي جي دعوت ڏيندو آهي، اهو ڪنهن جي دل آزاري نه ڪندو آهي، ڪنهن جي بدخواهي ۽ برائي نه چاهيندو آهي. هو ٻين لاءِ اهو ڪجهه چاهيندو آهي، جيڪو پنهنجي لاءِ چاهي ٿو.
نبي آخر زمان صه قتل ۽ خون ريزي، ڦرلٽ ۽ فتني فساد کان پڻ سختيءَ سان منع فرمايو آهي ۽ ائين ڪرڻ وارن لاءِ سخت عذاب ۽ جهنم جي بشارت ڏني آهي. معاشرتي طور تي پڻ معاشري کي خوشحال بڻائڻ لاءِ حديث ۾ چيو ويو آهي ته ”مزدور جو پگهر سڪڻ کان اڳ هن جو اجورو ادا ڪريو“ ۽ ايستائين چيو ويو آهي ته ”پورهيو ڪندڙ پورهيت، جيڪو سچائيءَ سان پنهنجي محنت مزدوري ڪري ٿو، اهو الله جو دوست آهي.“ سادي زندگيءَ کان سواءِ هڪ ٻيو پيغام، جيڪو حضور صه جن جي زندگيءَ مان اسان کي ملي ٿو، اهو معاشرتي ۽ معاشي انصاف آهي. پاڻ سڳورن صه مسلمانن کي تلقين ڪئي ته ”توهان ان وقت تائين کاڌو نه کائو، جيستائين توهان اهو نه ڏسي وٺو ته توهان جو ڪو پاڙيسري بکيو ته ناهي.“
مختصر طور، رسول اڪرم صه جن جي سيرت، اسان لاءِ روشنيءَ جو هڪ اهڙو مينار آهي، جيڪو هميشه اسان جي رهنمائي ڪندو رهندو. جيڪڏهن اسان پنهنجي انفرادي ۽ قومي زندگين کي حضور جن جي اسوه حسنه جي روشنيءَ ۾ مرتب ڪريون ۽ اسلام جي اصولن تي سچي مسلمان وانگر عمل ڪريون ته موجوده مسئلا، جيڪي اڄ اسان کي درپيش آهن، هميشه هميشه لاءِ حل ٿي وڃن.










