سياسي معاملا پنهنجي جاءِ تي ماڻهن کي سروس ڏيو يا هليا وڃو،عدالت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس گلزار احمد چيو آھي تھ سياسي معاملا ۽ جهيڙا پنهنجي جاءِ تي، ماڻهن کي سروس ڏيو، نٿا ڏئي سگهو ته هليا وڃو ۽ ڪنهن ٻئي کي اچڻ ڏيو.  اهڙا ريمارڪس هن سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ گندي پاڻي جي نيڪال وارن نالن جَي متاثرن جِي بحالي لاءِ پئسا نه هجڻ بابت اي جي سنڌ جي بيان تي ڏنا. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ سرڪار چئي ٿي ته نالن جي متاثرن کي بحال ڪرڻ لاءِ فنڊز نه آهن، اي جي سنڌ جو عدالت اڳيان اهڙو بيان مناسب نه آهي. چيف جسٽس چيو تھ ماضي ۾ سنڌ حڪومت چوندي رهي آهي ته متاثرن جي بحالي جو ڪم ڪنداسين، متاثرن جي بحالي سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي، سنڌ حڪومت متاثرن جي بحالي يقيني بڻائي ۽ کين سموريون گهربل شيون مهيا ڪري. سنڌ حڪومت پنهنجي وسيلن سان متاثرن جي بحالي ڪري، وڏو وزير متاثرن جي بحالي لاءِ فنڊز جي فراهمي يقيني بڻائي، وڏي وزير کي متاثرن جي بحالي بابت شروعاتي رپورٽ ٻن هفتن ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو