پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته سياست ٿڌي دماغ جو ڪم آهي، جذبات کي استعمال نه ڪرڻ گهرجي.پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته ڊانسنگ گهوڙا ميدان ۾ نه هلندا آهن، جڏهن منهنجو پاڙيسري بيان ڏئي ٿو ته مونکي تمام گهڻي خوشي ٿيندي آهي. فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته تعليم جي حوالي سان باقي صوبن سان مقابلو ڪرڻ گهرجي، وائيس چانسلرن جي مقرري بابت وڏي وزير کي خط لکي ڇڏيو آهي، آئين ۽ قانون موجب صوبي کي هلائيندس.گورنر ڪي پي ڪي جو چوڻ هو ته هن وزيراعظم کي خط لکيو آهي ته اعليٰ تعليم لاءِ پئسا ڏنا وڃن، سياسي ڀرتين کانسواءِ وائيس چانسلرن کي ڀرتي ڪيو وڃي.هن چيو ته اسان کي ويڙهه ڇڏي صوبي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو، بلاول جڏهن به ڪي پي اي هائوس ۾ ايندو ته چوٽيءَ جي چوٽ سان ايندو.گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته دعا آهي ته پاڪستاني ٽيم اڄ ڀارت خلاف ميچ کٽي، دعا ڪنداسين پر ٽيم کي به ڪجهه ڪرڻ گهرجي.هن وڌيڪ چيو ته ائين ناهي ته اسان نماز پڙهون ۽ اتي ڪيچ ڊراپ ڪريون.










