رحمت الله ٻرڙو
سويت يونين جي ٽٽڻ کانپوء ۽ امريڪا جي تسلط کان پوء سياست جي بازار ۾ آيل ماٺار ۽ نظرياتي سياست کان پاسيرو ٿيڻ پويان ڄڻ ته ڪارپوريٽ مارڪيٽ ڏسڻ ۾ اچي رهيو آھي.سياست نظريات کان ويندي جهموريت تائين جو سفر جيڪو هلندو هلندو هن وقت ڪارپوريٽ صورت اختيار ڪري ويو آھي ،ان نظريات کان پاسيري سياست پنهنجو ۽ جهموري سياست پنهنجو ڄڻ ته سياسي وقار مانڌ ۾ وجهي ڇڏيو آھي. اها مانڌ سياست ۾ فڪريات ۽ نظريا کي پوئتي رکي ڇڏيو آھي ۽ ڄڻ ته ڪارپوريٽ سيڪٽر جيان سڀ مايا وارو مثال پئي ٿو نذر اچي.انهن ڳالهين کي ڪو مڃي ٿو يا نه اها علحده ڳالھ چئبي باقي اسان جي هن ڏجيٽلائزيشن واري دور ۾ ٿيندڙ سياست جي نظرياتي ڊوڙ کي ڪارپوريٽ سيڪٽر پاڻ وٽ گروي رکرائي پڻ ڇڏيوآھي۔سياستدانن جي اقتداري ۽ مقابلي واري ڊوڙ ۾ ڪارپوريٽ سيڪٽر جا بين الاقوامي سيڙپڪار گھڙي پيا آھن جن جا مالي مفاد پڻ آھن ۽ هو ڪٿي ڪٿي ته ايئن به آھن ته پنهنجي ڪارپوريٽ سيڪٽرز مان هڪ ٻئي جي مقابلي ۾ سياست ۾ گهڙي ٿا پون ۽ ڪرڪيٽ جي سٽي باز جيان سياست ۾ به اربين روپين جو سٽو هڻي پنهنجي سيڙپ ڪن ٿا ۽ ملڪن جي ڏيهي سياست کان ويندي پرڏيهي مداخلتن کي به پاڻ سان سلهاڙڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ۽ انهن پنهنجي مالي مفاداتي چڪرن ۾ هنن سياست ۾ پنهنجا پنهنجا به ماڻھون داخل ڪرائڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي آھي. پوء ٿئي ڇا ٿو ته هو پنهنجي سپرٽر سياستدانن يا سندن پارٽي جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوء پنهنجا ماڻھون ايڊجسٽ ڪرائن ٿا يا اربين روپين جي ڪمن ڪارين يا ٺيڪيداري سسٽم ۾ اچي پنهنجا مفاد ٻيڻ تي حاصل ڪن ٿا ۽ وري ايندڙ حالتن جو مقابلو ڪرڻ لاء پنهنجا نوان منصوبا جوڙين ٿا.اڳتي هلي ڪري ٿي ڇا ٿو ته سياسي يا نظرياتي پارٽين کان ويندي قيادتون انهن آڏو کوڏا کوڙي ويهي رهن ٿيون ۽ پوء لازمي آھي قيادتن ۽ پارٽين جي سربراهن کي به ڪارپوريٽ سيڪٽرز جي سيڙپڪارن جي مفادن کي وڌيڪ ترجيح ڏيڻي ٿي پوي بمقابله نظرياتي ۽ جماعتي بنيادن ۽ مول متنن جي.اهو سلسلو هلندي هلندي ٽيهن سالن کان مٿي سفر ڪندي هتي اچي بيٺو آھي جو سياسي قيادتون پنهنجي جاء تي پر بين الاقوامي سطح تي جهموري ۽ اقتداري حلقا به پنهنجي نظرياتي ،سياسي روح کان ويندي پنهنجي اقتداري جوڙجڪ ۽ جهموري قدرن کان اڳيان ٿا سوچين جو هو ڏجيٽلائيزيشن دور جي تقاضائن کي ڪارپوريٽ سيڪٽر جي نذر سان ڏسي رهيا پڻ آھن.ان ڪري هن هيڏي ڊگهي سفر جنهنجو منهنجي خيال ۾ ٽيهن سالن کان مٿي عرصو پڻ سامهون اچي ٿو کي گذري چڪو آھي . ايستائين جو جيستائين سويت يونين ٽٽي ڪونه هئي ان وقت تائين نيشنلي هتي ۽ انٽرنيشنلي دنيا ۾ نظريات جي بنياد تي سياست هلي رهي هئي ۽ اقتدار يا حڪومتون به ان نقطي تي جڙي رهيون هيون.پر اڄوڪي هن جديد دور ۾ جتي هر ٻن منٽن ۾ خيالن ۽ خبرن جي اڊيٽ فورن ملي پمي ۽ ڪڍرپوريٽ سيڪٽر مان هڪ ڪي بورڊ جيڪو موبائيل جي صورت ۾ هڪ ننڍڙي ٻار کان 100 سالا پوڙهي پوڙهيء کي هٿ ۾ آھي ۽ لمحي لمحي ۾ مختلف اشوز کان واقف ڪار به ٿين ٿا ته بحث به ڪن ٿا ۽ بحثن جو جتي حصو به ڳڻيا وڃن ٿا ان ڊجيٽلائزيشن مشيينن جي ذريعي نفسياتي راند به ماڻھن سان ٿئي ٿي ته ان ۾ به سياست جيان ڪارپوريٽ سيڪٽر کي اوهان ٻاهر نٿا ڪڍي سگهو.ايڏين جديد سهولتن هوندي ڏيهي پرڏيهي مداخلتن هوندي به سياست بجاء نظرياتي پختگيء جي پاڻ کي نظرياتي طور ڪمزور ڪري وڌو آھي جنهن ڪري ان جا ڪيترا اهڙا اثر پيا آھن جو اعتماد جي کوٽ تيزيء سان بي اعتماديء کي ڀاڻ ڏيڻ جو ڪم ڏئي رهي آھي.انهن مداخلتن سبب قيادتنکان ويندي ڪرڪنن تائين ۽ ڪارڪنن کان ويندي عوامي نفسيات تائين هرڪنهن جي گهر پئسو ،مال،طاقت ۽ اقتدار ئي وڃي ڄڻ ته بچيو آھي باقي قدر،نظريات ۽ فڪريات ڄڻ ته سياست ۽ جهموريت جي علمبردارن وٽان وڃي پئي ناپيد ٿيندي.اهڙيء اڻ سڌرندڙ صورتحال ۾ جتي نظريات ۽ قدرن جي جاء ڪارپوريٽ سيڪٽر جو پگهاردار مينيجر سياست جون فزيبلٽيون جڙي سيڙپڪاري ڪرائيندو ته اتي بجاء چڱائيء ياسڌاري جي بگاڙ وڌيڪ ٿيندو۔ان ڪري اسان سمجهون ٿا ته سياسي، نظرياتي ،جمهوري توڻي مذھبي بنيادن تي سياستڪار قيادتن وٽ پئسي واري کي وڌيڪ ترجيح ملي ٿي جنهن ڪري سياست مان ڪارڪن پنهنجي وڃايل وقار سبب ڏهاڙيء پويان لڳي وڃي ٿو ۽ پوء ڏکين ۽ تحريڪي حالتن ۾ لازمي ٿو ٿي پوي ته سياسي قيادتن کي ڏيهي توڻي پرڏيهي پس منظر ۾ مالي طاقت رکندڙ ڪارپوريٽ سيڪٽرز جي سيڙپڪارن کان ويندي مختلف طاقتور حلقن ڏانهن نهارڻو ٿو پوي جنهن ڪري نظرياتي سياست ۽ عوامي خدمت وارو تصور وڃي پيو پنهنجي حيثيت ۽ هئيت ختم ڪندو.جيڪڏهن سياست ۾ آيل نظرياتي خاموشيء کي وري RE ACTIVE ڪرڻو آھي ته اسان کي پنهنجي پنهنجي سياسي نظرياتي ۽ جمهوري بنيادن تي بيهي ورڪرز کي ترجيح ڏيڻي پوندي،پئسي پويان سياستڪاريء کي ڇڏڻو پوندو،سياسي ۽ سياست جي زميني حقيقتن کي سامهون رکي پنهنجي سياسي نظرياتي ۽ جمهوري منزل کي ماڻڻو پوندو ،جي نه ته پوء هي سياسي هيجان ۽ ملڪي معاشي ڏيوالا اوهان کي ويهڻ ڪونه ڏيندا ۽ ڪارپوريٽ سيڪريٽر جون لڳل انجيڪشنون اوهان قيادتن کي ڊيل واري پس منظر ۾ آڻي بيهاريندون ۽ ڊائلاگ وارو رستو توهان سياستڪاري ڪندڙ قيادتن جون ويندو تما سوڙھو ٿيندو!!










